سپريم ڪورٽ: خورشيد شاهه ۽ گهر ڀاتين کي رليف ملي ويو، نيب جون اپيلون رد

0
323
آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه ۽ گهر ڀاتين کي رليف ملي ويو، سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه سوڌو شريڪ جوابدارن جي ضمانت منسوخي لاءِ نيب جون اپيلز رد ڪري ڇڏيون

ٻُڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته مُک جوابدار ضمانت تي آزاد آهي ته ساٿين کي جيل ۾ ڪيئن ٿو رکي سگهجي

عدالت چيو ته خورشيد شاهه جي گهروارين، ٻارن ۽ مائٽن کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پڪن ثبوتن بنا ڪنهن جي خلاف ڪيس ٺاهڻ صحيح ناهي، نيب جاچ ۾ محنت ڪري ۽ ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪيس ثابت ڪري

جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته خورشيد شاهه کي ناقص ثبوتن جي بنياد تي  ضمانت ملي آهي

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته ٺيڪيدار عبدالرزاق بهراڻي خورشيد شاهه کي 25 لک ڪميشن ادا ڪئي ۽ ٺيڪيدار جاچ ۾ ادائيگي جو ڪو ٺوس سبب نه ٻڌائي سگهيو

جسٽس عائشه ملڪ چيو ته خورشيد شاهه کي ڪهڙي ٺيڪي جي عيوض 25 لک ڪميشن مليا، هڪ چيڪ کي رشوت يا ڪميشن ڪنهن بنياد تي چيو ويو آهي

چيف جسٽس چيو ته ممڪن آهي ته ٺيڪيدار خورشيد شاهه کي نذرانو ڏنو هجي، نيب جاچ ۾ سخت محنت ڪري ۽ پنهنجو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ ثابت ڪري