بارباڊوس (اسپورٽس ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر اينرڪ نورٽجي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊاٽ بالز هلائيندڙ بالر بڻجي ويو آهي. ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ دوران ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر سڀ کان وڌيڪ 100 ڊاٽ بالرز هلائيندڙ دنيا جو پهريون بالر بڻجي ويو آهي، هن هلندڙ ايڊيشن ۾ سندس ڊاٽ بال جو انگ 102 آهي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا جي ئي مارڪو جنيسن هلندڙ ايڊيشن ۾ 96 جڏهن ته نيڌرلينڊ جي فيڊ ڪلاسن 2022 ۾ ورلڊ ڪپ ۾ 93 ڊاٽ بالز هلايا هئا. هن ايڊيشن افغانستان جي نوين الحق ۽ بنگلاديش جي مسفيض الرحمان هلايل ڊاٽ بالز جو انگ 90،90 آهي.