لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) پوري ملڪ ۾ شهيد  محترمه بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسي اڄ انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. ورسي جي مُک تقريب ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڪوٺائي وئي آهي جنهن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. لاڙڪاڻي شهر سميت ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسه گاهه اندر 60 فوٽ ويڪري اسٽيج کي پارٽي جهنڊن ۽ اڳواڻن جي تصويرن سان سجايو ويو آهي. سخت سيءُ جي باوجود ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ مان ڪارڪنن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهتل آهن جيڪي پنهنجي شهيد اڳواڻن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي کين ڀيٽا پيش ڪندا. ورسي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏجي نئون ديرو هائوس پهتو جيڪي اڄ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ رٿيل جلسي کي خطاب ڪندا. پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب اڳوڻو صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي تقريب ۾ شرڪت نه ڪندو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي جيڪا جنوري جي پهرين هفتي ڪراچي ۾ سڏائڻ جا امڪان آهن. هوڏانهن ورسي جي موقعي تي ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وزيراعليٰ سميت پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي.