لاهور (م ڊ) اپوزيشن ليڊر شهبازشريف آشيانه ريفرنس ۾ احتساب عدالت کي ڊگهي تاريخ ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي، نواز ليگ صدر شهبازشريف چيو ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي آهي، پنهنجي موجودگي ۾ شاهدن جي جرح ٻڌڻ چاهيان ٿو، عدالت چيو ته هي شاهد اوهان بابت ناهن، اوهان حاضري کان معافي جي درخواست ڏيو. رمضان شگر ملز ڪيس ۾ عدالت حمزه شهباز جي بريت جي درخواست تي ايندڙ ٻڌڻي تي دليل ڏيڻ جو حڪم ڏنو، لاهور بار جي هڙتال سبب  ٻڌڻي بنا ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي،  ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 24 فيبروري تي ٿيندي.