ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا سريلنڪا کي ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ لڳاتار شڪست ڏئي سيريز ۾ فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي. آسٽريليا ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. سريلنڪا جي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنز ٺاهيون. چريٿ اسالانڪا 39 ۽ ڪوسل مينڊس 36 رنز ٺاهي نمايان رهيا. آسٽريليا طرفان ڪين رچرڊسن 4، جهئي رچرڊس 3 ۽ ميڪس ويل 2 وڪيٽون ورتيون. آسٽريليا 17.5 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ٽن ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-2 تان فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي..  آسٽريليا طرفان ايرون فنچ  24، ميٿيو ويڊ 26  ۽ ڊيوڊ وارنر 21 رنز ٺاهي نمايان رهيا.  سريلنڪا طرفان هسارنگا ڊي سلوا 4 رانديگرن کي پويلين موڪليو.