سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريو ويو ته آئون چوڻ گهرجي يا مان ؟ ان حوالي سان مختلف ماڻهن پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو، مير ڪنول پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آئون چوڻ گهرجي يا  مان؟ پاڻهي ايندم هوت ، ڪجھه آئون به اڳڀري ٿيان. انهن ٻنهي لفظن مان سنڌي ٻولي جو ڪهڙو لفظ صحيح آهي؟ جنهن تي افضل شر لکيو ته ٻئي اُچار سنڌي ٻوليءَ جا ئي آهن، فقط لهجي جو فرق آهي. جيئن اردو واري آچار کي اُتر سنڌ ۾ کٽاڻ چوندا آهن ته لاڙ ۾ وري سانڌاڻو. ڪٿي ڄنگهون ۽ ڄنگهان چون ته ڪٿي وري ٽَنگون. مدهوش سنڌي لکيو ته ٻئي لفظ سنڌي جا آهن بس لهجي جو فرق آهي. اظهر لولائي لکيو ته آئون. غلام نبي ناريجو لکيو ته ادبي بورڊ جي ڪتابن ۾ آئون لکيل آهي، خدا ڏنو شاهه لکيو ته آئون سنڌي ٻولي جو اسٽينڊرڊ لفظ آهي، رانجهن سومرو لکيو ته اسان ته مان چوندا آهيون، شمع منور لکيو ته فرق اتر ۽ لاڙ جي لھجي جو آهي مھر سائين لکيو ته آئون معني عاجزي، مان معني انا غرور، ڪلديپ آر آساڻي به ردعمل ڏنو، نعمت کهڙو لکيو ته آئون ۽ مان… ٻئي لفظ سنڌيءَ جا آھن، ٻئي تمام سُٺا لفظ آھن، آئون لفظ حيدرآباد، ڄامشوري ۽ سَڄي لاڙ ۾ استعمال ٿئي ٿو، ۽ مان لفظ اُتر واري پاسي استعمال ٿئي ٿو، مان ذاتي طور اُن خيال جو آھيان ت، جيڪو جنھن جو لَھجو ھُجي، اُھو ئي استعمال ڪري ته، بھتر آھي، نه ته ٻولي بگڙي وڃي ٿِي، مِثال طور اُتر جي ماڻھن کي “آئون” لفظ استعمال ڪرڻ سُٺو لڳندو آھي، پر اُھي غلط استعمال ڪندا آھن، جيئن چوندا آھن ت، آئون چيو ت، اُھا ڳالھه غلط آھي، اُن جاءِ تي “مُون” لفظ استعمال ڪرڻو ھو، لاڙ وارا “مُون” لفظ ب، دُرست استعمال ڪندا آھن. لاڙ وارو لَھجو مِٺو ۽ سُٺو آھي، ۽ اُتر واري لَھجي ۾ به، واھه جو مَزو آھي، چوندا آھن ته ڪنھن به ديس ۾ ھر 100 ڪلوميٽرن تي ٻولي پنھنجا لَھجا تبديل ڪندي آھي ۽ ڪنھن به ٻوليءَ جو ڪو به لَھجو غلط يا خراب نه ھُوندو آھي! نجمه پنهور لکيو ته هر علائقي جي ٻولي ۾ ڪجهه فرق آهي اسان لاڙ وارا آئون لفظ گهڻو استعمال ڪندا آهيون، ڪنڀر صادق لکيو ته لهجي جو فرق آھي ٻئي لفظ صحيح آھن، لياقت ابڙو لکيو ته لطيف حرف تجنيس جو وڏو ڄاڻو هو ان سبب اتي ”آئون به اڳڀري ٿيان“ ٿيندو، عرفان قربان لکيو ته لهجي جو فرق آهي اهڙا ڪي ئي لفظ آهن جيڪي علائقا تبديل ٿيڻ سان بدلبا رهيا آهن، درسي ڪتابن جي ڳالھه ڪندو ته پهرين درسي ڪتابن ۾ به وچولو لهجو هو پر وقت بدلجڻ سان ماڻهو بدلجڻ سان ان ۾ به تبديلي ٿي آهي هاڻي درسي ڪتابن ۾ به اڪثر لاڙي لهجو اچي ويو آهي جو ادبي بورڊ ۽ ڪتابن جي نگراني ڪندڙ لاڙ وارن جو تعداد وڌيو آهي شاهه تي به علائقي جو اثر ٿي سگهي ٿو باقي ٻولي هڪ ئي آهي شاهه جو لهجو ئي صحيح آهي يا پٿر تي لڪير آهي اهو ڪٿ لکيل ناهي، نسيم خان پنهور لکيو ته منھنجي خيال ۾ ٻئي سنڌي جا لفظ آھن ھر شھر جي رھڻي ڪھڻي ٿوري فرق سان الڳ الڳ آھي، زينت احمد لکيو ته ٻئي لفظ صحيح آهن اتر ۽ لاڙ جو فرق آهي، مور ساگر لکيو ته آئون ٻولي جو صحيح لفظ آهي، مان علائقائي لهجو آهي، راول رشيد لکيو ته آئون لفظ پرفيڪٽ آهي….جي ايم چانڊيو لکيو ته سنڌي ادب جي حساب سان آئون لفظ جو استعمال ڪرڻ بهتر آهي باقي منهنجي سوچ مطابق مان لفظ انا ۽ ڏاڍ جي طرف ڇڪجي ٿو، نسيم ڪنڀر لکيو ته سنڌي ٻولي جو اتر سنڌ ۾ گهڻن لفظن جو فرق آهي دراصل آئون درست آهي مان فقط اتر سنڌ ۾ ڳالهايو وڃي ٿو ٻيا به کوڙ لفظ آهن جهڙوڪ… ڪاٿي، ڪٿي ڪاڏي، ڪيڏانهن گيدو، کيسو… اڃا سکر سائيڊ ته ڪم گهڻو آهي اتي ڇو لفظ جو متبادل شو آهي، سوني پارس لکيو ته آئون لفظ، اسد لکيو ته مان اتر سنڌ جو لفظ آهي آئون لاڙ سنڌ جو، ميراڻي شمس لکيو ته علائقن جي حساب سان لهجي جو فرق آهي، لاڙ وارا چوندا آئون پرفيڪٽ آهي، اتر وارا چوندا مان..عبدالشڪور ڇٽو لکيو ته آئون بهتر رهندو،مان لفظ اترادي لهجي ۾ آهي،جڏهن ته آئون لفظ لاڙي لهجي ۾ ڪتب اچي ٿو، مان لفظ انا،وڏائي ظاهر ٿئي ٿو.