دبئي(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنول ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 رينڪنگ ۾ محمد رضوان جي پهرين پوزيشن برقرار آهي. آءِ سي سي جي نئين جاري ڪيل رينڪنگ موجب ٽي 20 رينڪنگ ۾ محمد رضوان جو پهرين پوزيشن تي قبضو برقرار آهي جڏهن ته ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو ٻي ۽ ڪپتان بابراعظم ٽئين نمبر تي موجود آهن. آءِ سي سي ٽي 20 بالرز ۽ آل رائونڊرز ۾ ڪوبه پاڪستاني رانديگر شامل نه آهي، جيئن ته شاداب خان 14 هين نمبر تي موجود آهي. رينڪنگ ۾ محمد رضوان جي ريٽنگ پوائنٽس جو تعداد 853، سوريا ڪمار 838، بابراعظم 808، ايڊن مارڪرم 777، ڊيون ڪانوي 760 پوائنٽس سان پنجين پوزيشن تي موجود آهي. بالرن ۾ آسٽريليا جو جوش هيزل ووڊ پهرين نمبر تي برقرار آهي جڏهن ته راشد خان ٻئي، هسرنگا ٽئين، ٽمس تبريزي چوٿين ۽ مهيش ٿڪشنا پنجين پوزيشن تي برقرار آهي.