دبئي (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نئين رينڪنگ جاري ڇڏي آهي.آءِ سي سي جي تازي رينڪنگ موجب، ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا آل رائونڊرز ڪيٽيگري ۾ پهرئين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي. هارد پانڊيا آءِ سي سي ٽي ٽوئٽي رينڪنگ ۾ نمبر ون آل رائونڊرز بڻجندڙ پهريون ڀارتي ڪرڪيٽر آهي. آءِ سي سي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي آل رائوندڙ هسارنگا ٻئي ۽ آسٽريليا جي مارڪوس اسٽوئنس ٽئين نمبر تي آهي. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بيٽنگ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽرويس هيڊ پهرئين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته بالنگ ۾ انگلينڊ جي راشد خان جي پهرين پوزيشن آهي.