سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ مبينا ٻن شاگردياڻين جي وڊيو وائرل ٿيڻ وارو معامرو، آءِ بي اي يونيورسٽي انتظاميا ٻن نارين طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪندي اھڙي عمل کي يونيورسٽيءَ جي دنيا سطح تي ساک کي نقصان پھچڻ وارو عمل قرار ڏنو ويو آھي. آءِ بي اي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مير محمد شاھ جو چوڻ ھو ته اسان وٽ ھراسمينٽ يا ڪنھن ٻئي حوالي سان شڪايت ناھي پھتي، اِن حوالي سان جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آھي، پر ھن وقت تائين تصديق ناھي ٿي ته وڊيو ۾ ڄاڻايل يونيورسٽيءَ جي شاگردياڻي آھي، جيڪڏھن شاگردياڻي آھي ته سامھون اچي پنھنجي شڪايت داخل ڪرائي سگھي ٿي، 90 سيڪڙو پڪ آھي ته اھي آءِ بي جون شاگردياڻيون ناھن، ڇو جو آءِ بي اي جي شاگردياڻين کي تمام سٺو ماحول ۽ سھولتون ڏنيون ويون آھن.ھن چيو ته جعلي وڊيو ھجڻ جي پڪ باوجود سينيئر فيڪلٽي ميمبرز تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وئي آھي، جنھن ۾ عورت فيڪلٽي ميمبرن کي به شامل ڪيو ويو آھي. جوڙيل ڪاميٽيءَ کي ڄاڻايل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ ھٿن کي وائکو ڪرڻ سميت ٻيا ٽاسڪ ڏنا ويا آھن. آءِ بي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار جي صحيءَ سان جاري ٿيل ليٽر ۾ ڪاميٽيءَ جو ڪنوينر رجسٽرار آءِ بي اي انجنيئر زاھد حسين کنڊ ۽ ڊاڪٽر محمد عبدالرحيم سومراڻي، ڊاڪٽر محمد عاصم علي سميجو، ڊاڪٽر خليل احمد چنا، ڊاڪٽر غلام مجتبي شيخ، ڊاڪٽر زرقا بانو، مس عنيزا علوي ۽ سيد گل حسن شاھ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي. ڪاميٽي آءِ بي اي جي ساک کي متاثر ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪندڙن، شاگردن، انھن جي سھولتڪارن خلاف جن يونيورسٽيءَ جي ڪمپس ۾ وڊيو رڪارڊ ڪئي انھن خلاف جاچ ڪندي، ڪاميٽيءَ کي اختيار ھوندو ته ھو ڪنھن به شاگرد، فيڪلٽي ميمبر يا عملي کي جاچ لاءِ گھرائي سگھي ٿي، ڪاميٽيءَ انٽرنيٽ، ڊجيٽل، آءِ سي ٽي، جديد ٽيڪنالاجي به جعلي وڊيو وائرل ڪندڙن کي واکو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي، ڪاميٽي مشورو ڏيندي ته ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ۾ اِن معامري جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. ڪاميٽيءَ کي 3 مئي تائين رپورٽ تيار ڪري وائيس چانسلر حوالي ڪندي.