ڪراچي ۾ باڊهه واسي نوجوان ڦورو ڄاڻائي قتل، ڇرڪائيندڙ انڪشاف
نيو ڪراچي سيڪٽر 12 ڊي ۾ باڊهه واسي نوجوان کي ڦورو ڄاڻائي ماريو ويو آهي
وارثن موجب واقعو ڇنڇر جي ڏينهن پيش آيو، عامر حسين ۽ دڪاندار وچ ۾ منهن ماري ٿي، دڪاندار گوڙ ڪيو ته ڦورو آهي
وارثن موجب رينجرز اهلڪار دڪاندار جون رڙيون ٻڌي عامر حسين تي فائرنگ ڪئي، عامر زخمي ٿي پيو، بعد ۾ دم ڏنائين
وارثن موجب عامر ڀاڳت ڦورو نه هو، ايف آئي آر ۾ سندس غلط نالو فرحان لکيو ويو
وارثن موجب عامر کي عباسي شهيد اسپتال مان جناح اسپتال منتقل ڪرڻ دوران به تشدد جو نشانو بڻايو ويو
عامر فيڪٽري ۾ مزدوري ڪندو هو، هاڻي لاش به نٿو ڏنو وڃي، اعلي اختياريون نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن