ٺارو شاهه (رپورٽر) ٺاروشاھه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن جي سڏ تي شٽربند هڙتال ۽ ڌرڻو
ٺاروشاھه ۾ وڌندڙ بدامني خلاف دڪاندار ايسوسيئيشن جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪري ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو ويو
شٽربند هڙتال سبب شهر جا مک ڪاروباري مرڪز ۽ مارڪيٽون مڪمل طور بند رهيون، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو شريڪ
اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي بدامني جي باهه ڀڙڪيل آهي، پوليس امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي
اڳواڻن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ سهيل سومرو جي دڪان مان 30 لک روپين جي چوري ٿي، پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي