محمد اسماعيل عرساڻي مضمون نويس، ناٽڪ نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو جنم 17 سيپٽمبر 1906ع تي محمد هاشم ميمڻ جي گهر ۾ هالا نوان ۾ ٿيو، محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو نالو سنڌي ادب ۾ خاص طور مضمون نگار، ناٽڪ نويس، محقق ۽ تعليمي ماهر طور سڃاتو وڃي ٿو، هن بمبئي يونيورسٽي مان بي اي ڪئي، پاڻ ذهين شاگرد هو، کيس فارسي ٻوليءَ سان وڏي دلچسپي هئي ۽ انهيءَ تي دسترس حاصل هيس، سنڌي ۽ انگريزيءَ جو ڄاڻو هو، هن تعليم جي ميدان ۾ ڪاميابيون ماڻيون، ڊپٽي انسپيڪٽر ۽ اسسٽنٽ انسپيڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪيائين، 1966ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، عرساڻي صاحب هڪ تعليمي ماهر هئڻ سان گڏ هڪ سٺو شاعر ۽ نثر نويس هو، شاعري ۾ تخلص “فدا” استعمال ڪندو هو، سندس ڪلام پهريائين ڊي جي ڪاليج جي مخزن ڦليلي ۾ ڇپيو، ان کان پوءِ پاڻ مختلف مشاعرن ۾ وڏن شاعرن سان گڏ ڪلام پيش ڪندو آيو، سندس شعري مجموعو، “ڪليات فدا” جي نالي سان ڇپيل آهي، ڪلام جو نمونو هن ريت آهي:
مون کي عالم ۾ اچي هاءِ نه آرام مليو،
نام بدنام مليو، مايئه الزام مليو،
جو ڦٽائي مون ننڊ ڪئي سدا خدمت غير،
ان جي برعڪس مون کي واهه جو انعام مليو.
عرساڻي صاحب نثر ۾ مختلف موضوعن تي ڪافي ڪتاب لکيا آهن، سندس لکڻيون ورهاڱي کان اڳ شروع ٿيون ۽ ورهاڱي کانپوءِ ڳچ عرصو سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم جي پنهنجي تحريرن وسيلي ۽ هڪ استاد هئڻ جي حيثيت سان خدمت ڪيائين، سندن وفات نومبر 1986ع ۾ ٿي. عرساڻي صاحب جا مضمون ۽ مقالا دلچسپ، سلاست ڀريا ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان وڻندڙ رهيا، جيڪي “توحيد” “نئين زندگي” “مهراڻ” ۽ ٻين مخزن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا، انهن مضمونن جي ٻولي وڻندڙ پهاڪن ۽ چوڻين سان سينگاريل هئڻ ڪري مقبول ٿي ته مرڪزي خيال سماج جي سڌاري جو هو، عرساڻي صاحب جي ڪتابن جو ڳاڻيٽو ٽيهن کان مٿي چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ پرائمري کان ڊگري ڪلاسن تائين جا نصابي ڪتاب پڻ شامل آهن، سندن ڇپيل ڪتابن ۾ چند جا عنوان هن ريت آهن:”بدنصيب ٿري”، “نقش عمل”، نياريون وٿون”، “چار مقالا”، “سيرِ ريگستان”، “سنڌي سٻاجهڙا”، “خيال خاطر”، “تنقيد”، “ڊزن ڊايلاگ”، “حسن پروين”، “سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار”، “دلڪشا”، “سکر سي ئي ڏينهن”، ۽ ٻيا آهن، جن ۾ مضمونن ۽ مقالن جو ڳاڻيٽو وڌيڪ آهي. ”خيال خاطر”، مضمونن جو مجموعو گهڻو مشهور ٿيو، جنهن ۾ “جواب”، “وسڪارو”، “خواب”، “عورت”، “عبرت خانو”، “تقدير” ۽ ٻيا مضمون آهن، “نياريون وٿون”، ڪتاب پڻ ٻاراڻي ادب جي لاءِ لکيائين، جنهن ۾ ٻارڙن لاءِ هڪ سئو مختصر مضمون ڏنل آهن، جيئن “ڪک”، “مٽي”، “ڪانءُ”، “جتي”، “ڀنڀوري”، “انڊلٺ” ۽ ٻيا. “سنڌ ۾ پکين ۽ جانورن جو شڪار” ڪتاب غلام رباني آگرو سان گڏ لکيائين اٿن جو 1977ع ۾ شايع ٿيو، هن ۾ تترن، هرڻن، بريلن، مرن ۽ ڍنڍ جي پکين جي شڪار بابت مضمون آهن، ته “نقش عمل”، ڪتاب ۾ پڻ ڪيترائي اخلاقي ۽ اصلاحي ۽ معلوماتي مضمون ڏنل آهن.”چار مقالا” ڪتاب نثر جي چار صنفن ناٽڪ، ناول، مضمون ۽ افساني بابت معلومات ڏئي ٿو جنهن ۾ ڏنل معلومات انهيءَ دور تائين آهي، جڏهن ڪتاب لکيو ويو هو، هلندڙ وقت ۾ انهن موضوعن تي ڪافي تحقيقي ٿيسز ڇپجي چڪيون آهن پر بنيادي معلومات ڏيڻ سبب هن ڪتاب کي نصاب ۾ مقرر ڪيو ويو، عرساڻ صاحب جا چار ڪتاب اڄ تائين به هائر ڪلاسن جي نصاب ۾ شامل آهن، جيئن “بدنصيب ٿري”، “سکر سي ئي ڏينهن”، “چار مقالا” ۽ “نقش عمل”، “سکر سي ئي ڏينهن” سندن آتم ڪهاڻي آهي، سوانحي ادب جو اهو ڪتاب نه فقط پنهنجي دور جو عڪاس آهي پر گڏوگڏ سنڌ جي ان دور جي هڪ وچولي پڙهيل ڳڙهيل خاندان ۽ ان جي ماحول جي ڄاڻ ڏئي ٿو، هن آتم ڪهاڻيءَ جو اسلوب منفرد ۽ وڻندڙ آهي، ٻولي عام فهم آهي ته ڪيترين جڳهين تي ليکڪ موقعي مطابق بيت، پهاڪا ۽ چوڻيون به ٻوليءَ جي سونهن کي وڌائڻ لاءِ ڏنا آهن، جنهن سان ادبي رنگ ۽ زبان جي چاشني قائم رهي آهي، سنڌ مدرسة الاسلام جون يادون، علي ڳڙهه جي پڙهائيءَ جو احوال، ڊي جي سنڌ ڪاليج جي سنگتين جا ذڪر، ميرپورخاص، لاڙڪاڻو، حيدر آباد، سڪرنڊ، ٿرپارڪر جتي جتي عرساڻي صاحب رهيو ۽ تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪيائين انهي هنڌن جون سماجي، علمي ۽ ادبي حالتون پڻ هن ڪتاب مان پسجن پيون، ڪيترين اهم شخصيتن سان سندن اٿڻ ويهڻ ٿيو، جن ۾ ڪريم ڏنو راڄپر، خانبهادر محمد صديق، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر دائودپوٽو ۽ ٻيا آهن، آتم ڪهاڻيءَ جي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکيو اٿن ته، “پنهنجي سوانح لکڻ جي جرئت ڪئي اٿم، سو صرف هڪ بزرگ جي تلقين جي بنا تي، اهو بزرگ اسان جو علامه آءِ آءِ قاضي مرحوم آهي، جنهن هڪ دفعي تقرير ڪندي مشورو ڏنو هو ته جيڪڏهن هر هڪ پڙهيل ماڻهو پنهنجي سوانح صداقت ۽ سچائيءَ سان لکي ته يقيناً هڪ عمدو ادبي ڪتاب جڙي پوي ۽ آئينده نسل ان مان پنهنجي راهه جوڙين، شرط فقط صداقت جو آهي. سو علامه صاحب پاڻ به پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ اها خوبي قائم رکي آهي”.”بدنصيب ٿري” کي عرساڻي صاحب جي تصنيفن ۾ خاص اهميت رهي آهي، هيءُ ناٽڪ پنهنجي دور ۾ ئي گهڻو مقبول ٿيو ۽ پوءِ به ان جي مقبوليت قائم رهي، هيستائين هن ڪتاب جا ويهه ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، عرساڻي صاحب ڪافي وقت سنڌ جي خطي ٿر ۾ نوڪريءَ سانگي رهيو ۽ اهو ڪتاب پڻ ٿر جي ماحول ۽ ٻوليءَ مطابق لکيائين هن ناٽڪ لکڻ جو مقصد خاص ٿري ماڻهن جي زندگي جي مسئلن کي عام تائين ۽ حڪومت تائين پهچائڻ هو ۽ انهي ۾ ٻوليءَ جي استعمال تي گهڻو ڌيان ڌريل آهي، ٿري پهاڪا ۽ چوڻيون خاص استعمال ٿيل آهن، پاڻ اهو ناٽڪ عثمان علي انصاري صاحب جي مشوري تي لکيائين جو پهريون دفعو 1939ع ۾ ميرپورخاص جي شاگردن لاءِ تعليم جي تحرڪ تحت مدرسي جي شاگردن کان اسٽيج تي پيش ڪرايو ويو ۽ مشهور ٿيو، 1941ع ۾ سنڌ مرڪزي صلاحڪار بورڊ انهيءَ ناٽڪ کي شايع ڪيو ۽ عرساڻي صاحب کي انعام سان نوازيو ويو مقصديت تحت لکيل هن ناٽڪ ۾ خاص اهو ڄاڻايو ويو ته سنڌ جو مسلمان گهڻو پوئتي پيل آهي ۽ وٽن تعليم جي ڪمي آهي، هندو ۽ پنجابي طبقي جي وياج خوريءَ سبب، اڻ پڙهيل سنڌي، مالي طور ڪمزور ۽ وياج ۾ گهيريل آهن، کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ انهي ناٽڪ کي لکي عام ڪيو ويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، بدنصيب ٿري لاءِ لکيو آهي ته، “بدنصيب ٿري موضوع جي لحاظ کان معياري ناٽڪ آهي، جنهن ۾ حقيقت نگاري موجود آهي ۽ ان ۾ جذبات جو اظهار نهايت واضح ۽ متاثر ڪندڙ آهي”.
ملڪاڻي منگهارام، موجب ته، “جن به هيءُ کيل ڏٺو سي لکندڙ ۽ کيل ڪندڙ جي ساک مان ڍاوا ئي نٿي. سڌاري جي مراد سان لکيل هوندي به منجهس ٽپ ٽپ تي ٽهڪ ڀريل هو، عبارت ۽ رٿا جي لحاظ کان
شاهوڪار هو”.
ناٽڪ جي ٻوليءَ جو مثال هن ريت آهي:
“خبرون مڙيئي کير، ويٺڙا الله الله ڪريون، ڏوڪري ويچاري بنهه مري ٿي، وڃي سنيهو ڏي ته، چنيسر کي چوئي ته تو جو نڪو اسان کي مليو پئسو، نڪو پنجر”. مطلب ته هي ناٽڪ ٻولي ۽ موضوع جي حوالي سان ڪامياب رهيو، اسماعيل صاحب جي ڪتابن ۾ لاڙي لهجو ۽ شسته ٻولي استعمال ٿيل آهي، محمد اسماعيل عرساڻي جو فن ۽ خدمتون هميشه قائم رهنديون.