خانپور(ن پ ا) خانپور ويجھو جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ڪمالاڻي ۽ عطراڻي وچ ۾ هلندڙ تڪرار جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن
رستم ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي چئن پاڙن ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن ڳوٺ گونو ڪمالاڻي تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمالاڻي ڌر جو يار محمد ڪمالاڻي گولين جو کاڄ بڻجي ويو، جڏهن ته شاهه بيگ ۽ عطو ڪمالاڻي سخت زخمي ٿي پيا
ڌريون مورچا بند ٿي ڪري ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪري رهيا آهن، گولين جي تڙ تڙ آواز تي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي، رستم پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو
ھي به پڙھندا
خانپورمھر ويجهو فصل ۾ چوپايو مال گهڙڻ تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو، نوجوان قتل