خيرپورناٿن شاهه ( رپورٽ: ارشاد کوسو ) خيرپورناٿن شاهه تعلقو 51 ڏينهن گذرڻ باوجود به ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهي. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف، شهرين ۽ ڳوٺاڻن مختيار ڪار خلاف ڌرڻو  هڻي ڳولهي ڏيو ڳولهي ڏيو مختيار ڪار ڳولهي جا نعرا  هنيا. ان ڏس ۾ ٻوڏ جو پاڻي هيٺ مسلسل بيهڻ سبب اڪثر ڳوٺ ڊهي پٽ ٿي موهن جي دڙي جو ڏيک ڏيڻ لڳا آهن. ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ٻچن سميت سخت ڏکيائين ۾ بي يارو مددگار ويٺل آهن، خيرپور ناٿن شاهه جون ڪالونيون رحمت الله ڪالوني، مير خان ٻٻر محلا، گولي مار محلو، شاه لطيف ڪالوني، کٽياڻ ڪالوني، ڪريم داد لنڊ، واپڊا ڪالوني نيو آباد ڪالوني، شهباز ڪالوني سميت اڪثر ڪالونين جا گهر 51 ڏينهن گذرڻ باوجود ٻوڏ جي پاڻي هيٺ آهن. انتظياميه پنج مشينون هلائي شهر جو پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر خاطر خواه رزلٽ ڏئي نه سگهي. مير حسن روڊ تي ٻيڙي تي ماڻهو سفر ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته تعلقي انتظاميا پاران مين پرائمري اسڪول ۾ عارضي طور تي قائم ڪيل اسپتال ۾ مليريا جي ٽيسٽ لاء ڪيٽن ۽ دوائن جي کوٽ جو اسپتال جي ملازمن اعتراف ڪندي چيو ته اسان کي ڊي ايڇ او دادو طرفان صرف 25 ڪيٽون هر روز ملنديون آهن دوائون پڻ گهٽ ٿيون ملن هوڏانهن شهري اتحاد جي سڏ تي شهرين جو مختيار ڪار خلاف حافظ محمد امين جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن دانهيو ته مختيار ڪار سعيد احمد کونهارو ٻوڏ متاثرن کان ملڻ لاء تيار ناهي هو صرف بااثرن جا ڪم ڪري انهن کي راشن ڏئي رهيو آهي اين جي اوز طرفان ايندڙ سامان پڻ مختيار ڪارن پسند ماڻهن ۾ تقسيم ڪري اڌ سامان پنهنجي ذاتي جڳه ۾ رکي ڇڏيو جيڪا هتان جي بي پهچ ٻوڏ متاثرن سان وڏي زيادتي آهي هنن چيو عارضي قائم ڪيل اسپتال ۾ ماڻهن کي دوا نٿي ڏني وڃي نه مليريا جي ٽيسٽ ٿي ڪئي وڃي ماڻهن کي دڙڪا ڏئي موٽايو ٿو وڃي هنن چيو ته 51 ڏينهن گذرڻ باوجود شهر جي اڪثر ڪالونين ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي چند مشينن سان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جو ڊرامو رچايو ويو آهي رڳو تيل جي بل جا لکين روپيا هر روز هڙپ ڪيا پيا وڃن اسين وفاق سنڌ عالمي ادارن کان پر زور مطالبو ٿا ڪريون ته عوام کي رليف فراهم ڪري نااهل ڪامورن خلاف انڪواري ڪري انهن خلاف قدم کنيو وڃي.