دادو(رپورٽر )سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا”جو اڳوڻو ڊائريڪٽر، محقق ،آثار قديمه جي ماهر، ڊراما محمد عثمان ميمڻ مثاني جي ڪينسر ۽ فالج سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ 71 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو آهي ، جنهن جو مڙھ ڪراچي کان دادو آڻڻ بعد پير مراد قبرستان ۾ سندس مڙھ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو، سندس آخري رسمن ۾ دادو شهر جي سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، محمد عثمان ميمڻ کي ٻن پٽن ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي ، محمد عثمان سنڌي ٻولي انسائيڪلو پيڊيا ۾ 12، جلد ڏنا، محمد عثمان ميمڻ 30 کان وڌيڪ مشهور اردو ۽ سنڌي ڊراما لکيا ۽ سندس هڪ ڪتاب گيت سنگيت پڻ لکيل آهي، محمد عثمان ميمڻ 1948 ۾ سيوهڻ ڀرسان بوبڪ ۾ جنم ورتو ۽ سندس خاندان بوبڪ مان دادو ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ سال 2001 ۾ دادو کان حيدرآباد منتقل ٿيو. محمد عثمان ميمڻ کان .پي. ٽي. ويءَ لاءِ نامور براڊ ڪاسٽر عبدالڪريم بلوچ ۽ هارون رند آڊيشن ورتو، ڪيترا ئي سال ٽي. وي تي سنڌي پروگرام ۽ ڊراما اسڪرپٽ لکيائين. هن ڪهاڻي ۽ ڊرامي لکڻ جي شروعات 1975ع کان ڪئي. سندس پهريون ڊرامو ’پسي ڳاڙها گُل‘ آهي ۽ ٻيو ڊرامو ’چريو‘ آهي. سندس 30 کن ڊراما پي. ٽي. وي تي نشر ٿي چڪا، ان کان علاوه محمد عثمان ميمڻ سنڌي چئنلز لاء پڻ پاڻيءَ مٿي جهوپڙا‘ سميت ڪيترائي ڊراما لکيا . محمد عثمان ميمڻ جي وفات تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ، سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل، اداري جي عملدارن ۽ ڪارڪنن نهايت ئي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي تہ محمد عثمان ميمڻ ڪافي سال اداري جي انسائيڪلوپيڊيا اسڪيم  جي ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ ان جا ٻارنهن جُلد تيار ڪيا جيڪو سندس وڏو پورهيو آهي.