World Tobacco Day … صحت جي تباهيءَ ۾ ‘تماڪ’ جو ڪردار

0
42
World Tobacco Day ... صحت جي تباهيءَ ۾ ‘تماڪ’ جو ڪردار

 دنيا ۾ سگريٽ نوشي جي وڌندڙ رجحان کي نظر ۾ رکندي، تماڪ جي خلاف پهريون عالمي ڏهاڙو 1988ع ۾ 7 اپريل تي عالمي صحت جي اداري (World Health Organization) پاران ملهايو ويو. ان کان پوءِ، 1989ع ۾ ان ڏينهن جي تاريخ تبديل ڪري 31 مئي رکي وئي، ۽ تڏهن کان هر سال 31 مئي تي عالمي سطح تي “تماڪ کان پاڪ ڏينهن” ملهايو وڃي ٿو.ان ڏينهن جو مقصد ماڻهن ۾ تماڪ جي خطرناڪ استعمال بابت شعور وڌائڻ، سگريٽ ڇڏڻ جي همت ڏيارڻ، ۽ حڪومتن کي قانون سازي جي ترغيب ڏيڻ آهي. انسان ڪيترين شين جو غلط استعمال ڪري پاڻ لاءِ عذاب بڻائي ٿو. اهڙو ئي هڪ مثال “تماڪ” آهي، جيڪو قدرتي طور تي هڪ زرعي پيداوار آهي، پر ان جو غير ضروري ۽ نقصانڪار استعمال انساني صحت، سماج، معيشت، ۽ ماحول لاءِ زهر بڻجي چڪو آهي.تماڪ هڪ زرعي فصل آهي، جيڪو گرم ۽ گهم وارن علائقن ۾ پوکيو ويندو آهي. پاڪستان ۾ سنڌ، پنجاب، ۽ خيبرپختونخوا ۾ ان جي پوک عام آهي. تماڪ جا مشهور قسم آهن: بارن، بلو اسٽيم، سنوف، ۽ ملائي تماڪ. في ايڪڙ پيداوار اندازاً 1000 کان 2500 ڪلوگرام تائين ٿي سگهي ٿي، جيڪا بنيادي طور تي سگريٽ، چلم، حقو، ۽ بيڙي ٺاهڻ لاءِ صنعتن کي ڏني ويندي آهي.تماڪ مان تيار ٿيندڙ شين جو استعمال خاص طور تي نوجوانن ۾ شوق، والدين، ساٿين، دوستن ۽  سماجي دٻاءُ، يا اشتهارن جي اثر هيٺ وڌي رهيو آهي. سگريٽ جي عادتن ۾ واڌ جو سبب اڪيلائي، ڊپريشن، ۽ وقت گذارڻ جي عادت پڻ آهي.تماڪ واپرائڻ سبب سرطان (ڪينسر)، دل جون بيماريون، ڦڦڙن جا مرض، سانس جي تڪليف، عورتن ۾ حمل دوران نقصان، ۽ ٻارن ۾ پيدائشي نقص جھڙيون بيماريون جنم وٺن ٿيون.عالمي صحت جي اداري مطابق، هر سال لڳ ڀڳ 80 لک ماڻهو سگريٽ سبب فوت ٿين ٿا، جن مان 12 لک غير سڌي سگريٽ نوشي جي دونھين (passive smoking) سبب مرن ٿا. سڌي سگريٽ نوشي (Active Smoking) سان لڳ ڀڳ 20٪ کان 25٪ ٽي بي جا ڪيس ٿين ٿا.اڻسڌي سگريٽ نوشي (Passive Smoking) سان 10٪ کان 15٪ ماڻهو ٽي بي جو شڪار ٿين ٿا.ان لحاظ سان، سڌي ۽ اڻسڌي سگريٽ نوشي کي گڏ ڪري ڏسون ته ٽوٽل 30٪ کان 40٪ ٽي بي جا ڪيس سگريٽ جي اثرن سبب پيدا ٿين ٿا. تحقيقن موجب ٽي بي سان لاڳاپيل موتن مان لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو موت اهڙن مريضن جا ٿين ٿا، جيڪي سگريٽ پيئڻ جي عادتن جو شڪار هوندا آهن. سگريٽ نوشي نه رڳو ٽي بي ٿيڻ جو خطرو وڌائي ٿي، پر جڏهن ڪو مريض ٽي بي جو شڪار ٿي وڃي ته سگريٽ سندس علاج کي به بي اثر بڻائي ڇڏيندي آهي.پاڪستان ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن ۾ سگريٽ نوشي ۽ ٽي بي جو تعلق خاص طور تي مردن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي گهڻا ماڻهو پنهنجي مرض جي باوجود سگريٽ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿين. ان نتيجي ۾ موت جو خطرو به وڌي وڃي ٿو. سگريٽ ڇڪيندڙ ماڻهو مريض عام ٽي بي جي مريض کان ٽي دفعا وڌيڪ موت جي نشاني تي ھوندو آھي. ھر پنجون سگريٽ ڇڪيندڙ مريض ٽي بي سبب مري ويندو آھي. سگريٽ جا فلٽر ۽ پلاسٽڪ ماحول لاءِ سخت نقصانڪار آهن. روزاني سگريٽن مان نڪرندڙ دونھون شهرن جي هوا کي آلوده ڪري ٿو. سگريٽن مان اربين ڊالر ٽيڪس حاصل ٿين ٿا، پر ان جي صحت تي ٿيندڙ خرچ ان کان ٻيڻو آهي. تماڪ استعمال ڪندڙن جي گهڻائي ۾ غصي، بيچيني، ڌيان جي کوٽ ۽ غير متوازن روين جو مشاهد ٿيندو آهي، جيڪو گهرو زندگي کي متاثر ڪري ٿو. گهڻو تماڪ استعمال ڪرڻ سان شريڪ حيات سان تڪرار، ٻارن سان فاصلو ۽ سماجي لاڳاپن ۾ وڇوٽو پيدا ٿيندو آهي.

تماڪ تي خرچ ٿيندڙ رقم به گهريلو بجيٽ کي متاثر ڪري ٿي، جنهن ڪري ٻين ضروري ضرورتن جهڙوڪ تعليم، خوراڪ ۽ علاج تي اثر پوي ٿو. ان کان سواءِ تماڪ جي بوءِ ۽ اثر ٻين گهرڀاتين، خاص طور تي ٻارن جي صحت لاءِ به نقصانڪار ٿيندي آهيتماڪ نوشي آدمي جي خوداعتمادي، سماجي قبوليت ۽ پيشورانه ساک کي به متاثر ڪري سگهي ٿي. ڪيترائي ماڻهو هن عادت سبب نوڪري، رشتي يا دوستي جي موقعن مان محروم ٿي وڃن ٿا. ان ڪري ضروري آهي ته ماڻهو تماڪ کي صرف هڪ ذاتي عادَت نه سمجهن، بلڪه ان جي ڪري پيدا ٿيندڙ ذاتي، سماجي ۽ مالي اثرن کي سمجهي، ۽ وقت سر ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن.

چين، آمريڪا، ڀارت، ۽ روس سگريٽ جي وڏي پيداوار ڪندڙ ملڪ آهن. تماڪ جا ممڪن فائدا (محدود ۽ تحقيق هيٺ پڻ آھن پر اھي سبب طبي مقصد لاء آھن. نڪوٽين ۾ جراثيم مارڻ واري خاصيت زراعت ۾ روايتي طور ڪيڙن جي خاتمي لاءِ استعمال، نيوروسائنس ۾ تحقيق (مثلاً الزائيمر، پارڪنسن) شامل آھي، جنھن کي  با اختيار معالج جي استعمال ڪرڻ جو مجاز آھي. تماڪ جي استعمال جا نفسياتي ۽ سماجي سببن ۾ عارضي سڪون، دٻاءُ مان نجات، ڊوپامين هارمون جي وڌڻ سان ذهني خوشي ملي ٿي سگريٽ نوشي تي ضابطي لا سگريٽ خريد ڪندڙن جي رجسٽريشن‚ مقرر حد کان وڌيڪ وڪرو تي پابندي‚صحت ۽ تعليم وارن ملازمن لاءِ قانوني پابندي‚تعليمي ادارن ۾ اسڪريننگ ٽيسٽ (پيشاب، ساهه، رت، لعاب وغيره) ٿيڻ گھرجي. تماڪ هڪ زرعي پيداوار آهي، جيڪا انسان لاءِ نعمت ٿي سگهي ٿي، پر ان جو غير علمي ۽ نشي آور استعمال زهر بڻجي چڪو آهي. صحت، سماج، معيشت، ۽ ماحول جي حفاظت لاءِ ضروري آهي ته سگريٽ جي واھپي کي قانون، شعور، ۽ ذاتي ذميواري سان ڪنٽرول ڪيو وڃي. سگريٽن مان جان ڇڏائڻ جا ڪجھ طريقا ھيٺ بيان ڪجن ٿا.سگريٽ ڇڏي ڏيڻ زندگيءَ جو هڪ اهم فيصلو آهي، جيڪو انسان جي صحت، خاندان، ۽ مالي حالت تي مثبت اثر وجهي سگهي ٿو. پهريون قدم ارادو ڪرڻ آهي ته هاڻي سگريٽ نه پيئندس. ان لاءِ پنهنجي دل ۽ دماغ کي تيار ڪرڻ لازمي آهي. ان کان پوءِ، هڪ خاص تاريخ طئي ڪريو جنهن ڏينهن کان سگريٽ ڇڏي ڏيڻ جو آغاز ڪيو ويندو. پنهنجي ويجهڙن دوستن ۽ مٽن مائٽن کي ان فيصلي بابت آگاهه ڪيو ته جيئن هو به توهان جي حوصلا افزائي ڪن. پنهنجي ماحول مان سگريٽن سان لاڳاپيل شيون جهڙوڪ لائٽر،  ايش ٽري، ۽ باقي سگريٽ ختم ڪريو. نڪوتين ڇڏڻ وقت جسم ۽ دماغ ڪجهه وقت لاءِ تڪليف ۾ اچن ٿا، پر ان دوران پاڻ کي مصروف رکڻ، پاڻي گهڻو پيئڻ، ۽ ساھ کڻڻ جون مشقون ڪرڻ سان مدد ملي سگهي ٿي. گهڻو ڪري ماڻهو دٻاءُ يا بوريت وقت سگريٽ پين ٿا، تنهنڪري انهن حالتن ۾ متبادل سرگرميون اختيار ڪريو، جهڙوڪ هلڻ، ڪتاب پڙهڻ يا ميوزڪ ٻڌڻ. اهم ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به حال ۾ واپس سگريٽ ڏانهن نه وڃبو، ڇاڪاڻ تہ “صرف هڪ سگريٽ” به ٻيهر عادتن کي واپس آڻي سگهي ٿو.