اڄوڪو ڏينهن يعني 13 فيبروري، سڄي دنيا ۾ ريڊيو جي عالمي ڏھاڙي طور ملھايو ويندو آھي ۽ ان موقعي تي، ريڊيو جي تاريخي ۽ سماجي اھميت کي اجاگر ڪيو ويندو آھي. گڏوگڏ ريڊيو ۽ براڊ ڪاسٽنگ سان سلهاڙيل ڌرين کي خراج تحسين به پيش ڪيو ويندو آهي. هي ڏينھن نه صرف ريڊيو جي حيرت انگيز ۽ دلچسپ ٽيڪنالاجي کي ڀيٽا جو موقعو ڏئي ٿو، بلڪه ان ذريعي پکڙيل آواز جي طاقت کي به ياد ڪرائيندو آهي، جيڪا معلومات، تعليم، فن و ھنر، تفريح ، صحت، ۽ سماجي اڳرائيءَ لاءِ هڪ مضبوط اوزار ۽ سستو ترين ميڊيم پڻ رھندو آيو آهي.
ھونئن ته اوائلي طور تي ريڊيو کي سرڪاري ۽ مفاد عامہ متعلق معلومات ماڻھن تائين پھچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، پر بعد ۾ انھيءَ ايجاد جو گھڻ رخو ڪارج مقبول عام ٿيو، جھڙوڪ تعليم و تربيت، فن و ثقافت، موسيقي، وندر ورونھن، سماجي مسئلن توڙي سياسي، سائنسي ۽ مذھبي معاملن جي ڄاڻ بابت عام ماڻهوءَ کي رسائي ڏيڻ وغيره. تان جو ھڪ دور اھڙو به آيو جڏھن “ريڊيو” ماڻھن توڙي قومن ۽ تھذيبن وچ ڳانڍاپي جو سڀ کان مضبوط ترين ذريعو بڻجي ويو ھو. بعد ۾ ٽيليويزن، ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي انٽري سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دنيا ۾ ھڪ انقلابي واڌارو آيو ۽ ريڊيو جي سحر ۾ گھڻي حد تائين گھٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، پر اڄ ڏينھن تائين “ريڊيو” پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب آھي ۽ سمورن چيلينجن باوجود پنھجي انفراديت کي قائم ڪيو بيٺو آھي.
جھڙي طرح سان ھر شعبي جون وري ٻيون شاخون ۽ Sub-Specialities پيدا ٿينديون وينديون آھن، ساڳئي نموني ريڊيو به ڪيترائي رخ اختيار ڪري ورتا آھن، خاص طور تي ايف -ايم (FM Radio) جي صورت ۾ ريڊيو جي قبوليت توڙي ڪوريج جا نوان دڳ کليا آھن؛ مثال طور صرف خبرون ڏيڻ وارا ريڊيو ايف ايم اسٽيشن، راندين متعلق اسپورٽس چينل، مقامي سطح جا تفريحي ايف ايم، ماحولياتي/موسميات، ٽرئفڪ ڪنٽرول ۽ اھڙائي ٻيا ادارتي ريڊيو چينلز. پر ريڊيو جو “فاصلاتي تعليم” ۽ صحت بابت آگاھي ۽ سماجي سجاڳي جو پاسو به ھڪ بھترين ڪوشش آھي، جن جي مدد سان نه صرف تعليمي سرگرمين کي ھٿي وٺرائي سگھجي ٿِي، بلڪه صحت جي شعبي تي بيمارين جي بار کي پڻ “بچاءُ” يعني Prevention وسيلي ڪافي گھٽ ڪري سگھجي ٿو. ھڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ ڪي 60 کان وڌيڪ Non Commercial FM radio اسٽيشنون آھن، جن مان اڪثريت وري يونيورسٽين طرفان “ڪئمپس ريڊيو” طور قائم ٿيل آھن، جڏھن ته ڪجھ وري ٽريفڪ پوليس ۽ اھڙن ئي ٻين ادارن پاران ھلندڙ آھن، جن جو مقصد عوام کي آگاھي ڏيڻ ۽ شاگردن کي تعليمي مدد مھيا ڪرڻ آھي.
ميڊيڪل ۽ صحت سائنسز جي يونيورسٽين ۾، ڪيمپس ريڊيو FM چينلن جو ڪردار نھايت اهم آهي، جيڪو شاگردن ۽ معاشري جي صحت جي ڀلائيءَ لاءِ هڪ انقلابي قدم ثابت ٿي سگهي ٿو.
ڪئمپس ريڊيو جا ڪجھ اھم فائدا
* صحت ۽ تعليم متعلق عوامي سجاڳي ۾ ڪردار
پاڪستان جي جنرل ۽ خصوصاً ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ ڪئمپس ريڊيو چينل شاگردن کي ڪلاس روم کان پري ۽ ٻاھرين دنيا جي علم سان ڳنڍڻ لاءِ ھڪ پل جو ڪم ڪري ٿو. مثال طور، صحت سان لاڳاپيل پروگرامن ۾ نئين تحقيق، وائرس ۽ ٻين جراثيم کان بچاءَ جا طريقا، وبائن ۽ قدرتي آفتن دوران عوامي صحت جي حوالي سان مواد ونڊيو ويندو آهي. جڏھن ته زراعت، انجينئرنگ ۽ ٻين ٽيڪنيڪل ادارن/جامعات ۾ وري لاڳاپيل موضوعن تي شاگردن توڙي فئڪلٽي کي علمي لاڀ ملي ٿو. ريڊيو جي هن ڪارج سان طالب علم ۽ استاد صرف ڪتابي علم تائين محدود نٿا رهن، پر عملي (Practical) دنيا سان به ڳنڍجڻ جو موقعو حاصل ڪن ٿا. ھيلٿ سائنسز جي ادارن لاءِ ڪئمپس ريڊيو هڪ اھڙو منفرد پليٽ فارم آهي، جنهن ذريعي شاگرد ۽ استاد، سماج کي صحت جي بنيادي سھولتن، وھمن کان بچاءَ، ۽ نون ميڊيڪل طريقن بابت آگاهه ڪري سگهن ٿا. مثال طور، COVID-19 جي وبا دوران، ڪيترن ئي يونيورسٽين جي ريڊيو چينلن عوام ۾ وئڪسين جي اھميت، ماسڪ جو استعمال، ۽ صحت جي حفاظتي اصولن تي پروگرام نشر ڪيا. اهڙي طرح، ريڊيو عوام جي صحت (public health) کي بھتر بڻائڻ ۾ هڪ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. تعليمي شعبن ۾ وري ان جو گھڻو استعمال فاصلاتي تعليم (Virtual /Online) ڏيندڙ يونيورسٽين ۽ ڏورانهن علائقن تائين علم جي ترسيل و ترويج کي ممڪن بنائڻ لاءِ انتھائي مفيد ثابت ٿي رھيو آھي.
* غير مستند خبرن ۽ افواھن کي روڪڻ
جيئن ته ڪئمپس ريڊيو اسٽيشنز ھڪ منظم ۽ مربوط نظام تحت ھلندڙ يونيورسٽين جا غير منافعي بخش چينل آھن، تنھنڪري ماڻھو انھن جي نشريات کي اعتماد ۽ اعتبار سان ٻڌن ٿا ۽ ان تي عمل به ڪن ٿا، جڏھن ته اڪثر ڪمرشل (سڀ نه!!) ريڊيو چينلز وري ناڻو ڪمائڻ لاءِ مشھوري (Advertisement) ڪرڻ توڙي ڪڏھن ڪڏهن پنھنجي Ratings وڌائڻ لاءِ مبالغه آرائي مان به ڪم وٺي سگھن ٿا. ان جي ابتڙ، ڪئمپس ريڊيو ھميشه عام جي ڀلائيءَ لاءِ افواھن کي وائکو ڪرڻ (Myth Bursting) ۽ ٻڌندڙن کي غير يقيني صورتحال مان ڪڍي اطمينان ۽ تسلي واري معلومات مهيا ڪندو آھي. مٿان وري پيچيده سائنسي ڄاڻ کي عام فھم ۽ سولي ٻولي ۾ بيان ڪرڻ به ڪئمپس ريڊيو جو ئي ڪمال آهي.
* ثقافتي ۽ سماجي ڳانڍاپو:
ڪئمپس ريڊيو صرف علم ڦهلائڻ تائين محدود ناھي، بلڪه هن ذريعي ثقافت، ٻولي ۽ مقامي مسئلن تي به روشني وڌي وڃي ٿي. يونيورسٽين جا شاگرد هن وسيلي سان ڳوٺاڻي علائقن ۾ صحت، صفائي، روزگار، ھنر ۽ ٻين مفاد عامه جي باري ۾ آگاھي وڌائي سگهن ٿا. ٻيو ته جتي انٽرنيٽ ۽ ٽي وي جي رسائي گهٽ آهي. ريڊيو جو سستو، سادو ۽ وسيع نيٽ ورڪ، ان کي هڪ مثالي ذريعو بڻائي ٿو. مقامي ٻوليءَ کي ھٿي وٺرائڻ ۾ به ڪئمپس ريڊيو ھاڪاري ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
* شاگردن ۽ استادن جي تربيت
پڙھندڙ شاگردن ۽ استادن جي ميڊيا پروفيشنل بنيادي تربيت ڪرڻ، جنھن سان اھي ريڊيو توڙي ٻين ميڊيا چينلز کي منھن ڏيڻ جي ضروري قابليت حاصل ڪري وٺن. اھو عمل کين ڪريئر ۾ گهڻو ڪم ڏيندو ۽ اعتماد Confidence ۾ واڌارو پڻ ڪندو.
* ڪئمپس ريڊيو کي درپيش چئلينج ۽ تجويزون
جيتوڻيڪ ڪئمپس ريڊيو جي اھميت واضح آهي، تڏهن به ڪيترن ئي ادارن ۾ هن وسيلي/ميڊيم کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. ضرورت آهي ته حڪومت ۽ يونيورسٽي انتظاميا هن کي جديد ٽيڪنالاجي سان لاڳو ڪن ۽ طالب علمن کي ريڊيو پروگرامنگ ۾ حصيدار بڻائين. خاص طور تي ميڊيڪل شاگردن لاءِ ريڊيو جي تربيت انھن کي مستقبل ۾ عوامي صحت جي مھمن ۾ ڪارائتو بڻائي سگهي ٿي. ريڊيو جي فيلڊ ۾ ٽيڪنالاجيءَ ۽ مصنوعي ذھانت جي استعمال سان ان جي استعمال مان اڃا به وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.
ريڊيو جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي، اھو لازمي آهي ته اسين ريڊيو جي طاقت کي تسليم ڪريون، خاص طور تي تعليمي ادارن ۾ ان جي استعمال کي وڌايون. پاڪستان جي ميڊيڪل ۽ صحت سائنس جي شاگردن لاءِ ڪئمپس ريڊيو هڪ انساني آواز ۽ پل مثل آهي، جيڪو نه رڳو علم پکيڙي ٿو، پر هڪ صحتمند معاشري جي تعمير ۾ به مدد ڏيئي ٿو.
(نوٽ: ليکڪ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMHS) جي ڪميونٽي ھيلٿ ايف ايم ريڊيو جو پروگرام مينيجر آھي)