World Press Freedom Day … دنيا ۾ خواب بڻيل صحافتي آزادي

0
27
World Press Freedom Day ... دنيا ۾ خواب بڻيل صحافتي آزادي

ٽي مئي هر سال عالمي سطح تي “پريس جي آزادي” جي ڏينھن طور ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن جو مقصد پوري دنيا ۾ صحافتي آزادي، صحافين جي تحفظ، ۽ صحافتي ادارن جي خودمختياري بابت شعور وڌائڻ آهي. 3 مئي جو ڏينهن پهريون ڀيرو 1993ع ۾ يونيسڪو ۽ گڏيل قومن جي اداري طرفان ملهايو ويو. هي ڏينهن ان رپورٽ کي ياد ڏيارڻ لاءِ چونڊيو ويو، جيڪو 1991ع ۾  “Windhoek Declaration” جي نالي سان آفريڪي ملڪ نميبيا ۾ صحافتي آزادي جي اصولن جي اعلان طور سامهون آيو.

                 هونئن ته صحافي هميشه عذاب ۽ عتاب هيٺ رهيا آهن، پر گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ صحافين سان ٿيندڙ ظلمن جا گهڻا واقعا ٿيا آهن، جن ۾ قتل، تشدد ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا شامل آهن. 1993ع کان 2023ع تائين دنيا ۾ 1700 کان وڌيڪ صحافي پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائيندي مارجي ويا. انهن مان ڪيترائي جنگي حالتن، سياسي بحرانن، يا انتقامي ڪارروائين جو شڪار ٿيا: شام ۾ 2012- 2016 دوران 100 کان وڌيڪ صحافي ماريا ويا. عراق ۾ 2003- 2008 دوران 250 کان وڌيڪ صحافي جنگي دور ۾ قتل ٿيا. مڪسڪو ۾ 2010- 2023 دوران هر سال سراسري طور 10 کان وڌيڪ صحافي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿيا. افغانستان ۾ 2018 ۾ اپريل ۾ هڪ ئي ڏينهن 9 صحافي خودڪش ڌماڪي ۾ مارجي ويا.

مشھور صحافين جا قتل جا ڪيس

جمال خاشقجي (سعودي عرب، 2018): استنبول جي سعودي سفارت خاني اندر قتل ڪيو ويو.

شيري ڪرسچين (مالٽا، 2017): ڪرپشن جي رپورٽن سبب ڌماڪي سان قتل ٿيو. تازو فلسطين ۽ يوڪرين جنگ جي فلمبندي دوران ڪيترائي صحافي مارجي ويا، ڪي اپاھج ٿي ويا. ماري ڪولوين (سيريا، 2012): جنگي رپورٽنگ دوران بمباري ۾ مارجي وئي.

ڪيترن ئي ملڪن صحافين جي تحفظ لاءِ قانون سازي ڪئي آهي، پر انهن تي عملدرآمد محدود رهيو آهي. يونيسڪو، رپورٽرز وِدآؤٽ بارڊرز (RSF)، ۽ ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (CPJ) صحافين لاءِ عالمي سطح تي تحفظ مهيا ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. موجوده دور جي چئلينجن ۾ آن لائن ڌمڪيون، پابنديون، رياستي ادارن جي طرفان هراسمينٽ اھم مسئلـن جي فھرست ۾ شامل آھن. سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت لاءِ حالتون بهتر نه آهن. پاڪستان ۾ صحافين سان تشدد جا ڪيترائي واقعا، خاص ڪري سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، ۽ لاڙڪاڻي ۽ ڪچي وارن علائقن ۽ ٻهراڙين ۾ رپورٽ ٿيا. ڪجهه وقت اڳ جان محمد مھر جو قتل ھاءِ پروفائيل ڪيس رھيو آھي. پاڪستان ۾ 2023ع تائين 140 کان وڌيڪ صحافي مارجي چڪا آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ صحافين جي گرفتاري، خاص ڪري والاريل ڪشمير ۾ وڌي وئي. آمريڪا ۾ به صحافت پابندين مان گذري ٿي. سعودي عرب ۾ سخت سنسرشپ آهي، بادشاهت خلاف لکڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. چين ۾ گلوبل ميڊيا تي بندش آھي. هانگ ڪانگ ۾ صحافين جي آزادي ختم ٿيڻ لڳي آھي. جڏهن ته، ايران ۾ حڪومت مخالف صحافين جون گرفتاريون عام آھـن. روس ۾ يوڪرين جنگ دوران صحافين تي پابنديون لڳايو ويون آھن. ڪيترائي صحافي ٻاهرين ملڪن ڏانهن لڏي ويا. آفريڪا جي ڪجهه ملڪن ۾ آزادي، پر گهڻن ۾ صحافت تي پابنديون موجود آھن. برطانيا ۾ صحافين لاءِ قانوني تحفظ موجود آهي، پر Investigative صحافت تي دٻاءَ وڌي رهيو آهي. نيپال ۾ صحافتي آزادي لاءِ جدوجهد جاري آهي. مقامي صحافي مالي مشڪلاتن ۾ مبتلا آھن.

دنيا ۾ صحافت کي دٻاءَ هيٺ رکڻ وارا قانون (2005-2025)

گذريل ٻن ڏهاڪن دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن صحافت، اظهار جي آزادي ۽ ميڊيا جي خودمختياريءَ تي پابنديون لڳائڻ لاءِ نوان قانون لاڳو ڪيا. هي قانون ظاهر ۾ ته سلامتي، سائبر تحفظ يا قومي مفادن جي نالي تي آندا ويا، پر عملي طور تي انهن کي صحافين جي آواز کي دٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. هيٺ اهم ملڪن جا نالا، قانونن جا نالا، ۽ انهن جي لاڳو ٿيڻ جا سال ڏنا ويا آهن:

* ترڪي: اينٽي ٽيرر قانون (2018 ۾ تبديليون)

* روس: فارن ايجنٽ قانون (2012، 2020، 2022 ۾ واڌ)

* مصر: سائبر ڪرائيم قانون (2018)

* هندستان: يو اي پي اي قانون (2019 ۾ ترميم)

* چين: سائبر سيڪيورٽي قانون (2017)

* هنگري: ڪووڊ ايمرجنسي قانون (2020)

* پاڪستان: پيڪا قانون (2016) ۽ پي ايم ڊي اي آرڊيننس (2021)

* آمريڪا: اظهار جي آزادي بحالي وارو ايگزيڪيوٽو آرڊر 14149 (2025)

اهي قانون صحافتي ادارن، بلاگرز، آن لائن لکڻين ۽ عام اظهار کي حڪومت جي نگراني هيٺ آڻڻ جا اوزار بڻايا ويا. ميڊيا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ادارن ۽ ڪارڪنن مطابق، اهڙا قانون جمهوريت لاءِ خطرو ۽ راءِ جي اظهار تي ڌڪ آهن. /ڏسو صفحو 7 بقايا 01

ٽي مئي جو ڏينھن صرف جشن نه، پر يادگيري جو ڏينهن آھي ته صحافت انساني حقن جو عڪس آھي. دنيا جي هر ڪنڊ ۾ صحافي سچ ۽ حق جي ڳولا ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪن ٿا. عالمي برادري کي گھرجي ته نه رڳو تقرير جو حق، پر رپورٽنگ جو حق به محفوظ ڪري. صحافت جي آزادي، هڪ جمهوري دنيا لاءِ بنياد آھي.