ماحولياتي تبديلي جا اثر فطري شين تي اثر انداز ٿيڻ سان گڏ غيرفطري شين تي بـ پون ٿا. اسان اڪثر فطري نقصانن بابت پڙھندا آھيو پر اڄ ٽيڪنالاجي جي تي اثرن بابت بيان ڪجي ٿو.
گرڊ اسٽيشن جون اھم تارون گرمي جو شڪار:
جيئن گرمي پد وڌي ٿو، تارن ۾ استعمال ٿيندڙ ڌاتو (اڪثر ايلومينيم يا ٽامو) حرارت جي ڪري وسعت (expansion) وٺي ٿو، جنهن ڪري تارون ڍريون ٿي وڃن ٿيون.جڏهن تارون ڍريون ٿين ٿيون ته، اهي ٿنڀن يا لڪنن سان لگن ٿيون ٿيون يا لڙڪن ٿيون، جنهن سانتار ٽٽي سگهي ٿا‚ لنڪ يا جوڙ وريل ٿي سگهن ٿا اسپارڪنگ يا شارٽ سرڪٽ جو خطرو وڌي ٿو ‚وڌايل لوڊ سان تارن جي مزاحمت (Resistance) وڌي ٿي، جنهن سبب اهي گھڻو گرم ٿين ٿيون، ۽ جوڙيل ڪنيڪشن ڊگھي گرمي سان ڪمزور ٿي ٽٽي پون ٿا. Terminals يا clamps گرمي جي ڪري ٿڪجي پون ٿا (thermal fatigue) ۽ loose connection پيدا ڪري سگهن ٿا.Overhead transmission conductors جڏهن وڌيڪ گرميءَ ۾ “Sag” ڪندا آھن، ته اهي محفوظ فاصلي کان هيٺ اچي سگهن ٿا، جنهن سان سيفٽي ڪليئرنس جو معيار ٽٽي پوي ٿو.اهڙيون حالتون tripping of breakers isolation of feeders ۽ shutdown of whole line sections جو سبب بڻجن ٿيون.گرڊ جي خودڪار نظام ۾ لوڊ جي اچانڪ کوٽ “under-frequency load shedding (UFLS)” کي به متحرڪ ڪري ٿي.جڏهن گرمي پد وڌي ٿو ته بجلي جي طلب (AC، فريزر، فين وغيره) به وڌي وڃي ٿي.انهيءَ وڌايل لوڊ سان جڏهن تارون پاڻ به گرميءَ سبب ڪمزور ٿين، ته نتيجو ڊبل پريشر طور ظاهر ٿئي ٿو.
موبائل ٽاور سسٽم تي گرمي جا اثر:
“هڪ ماءُ پنهنجي پٽ سان ڳالھ ڪندي، اچانڪ لائن ڊراپ ٿي وڃي، هڪ شاگرد آنلائن ٽيسٽ ڏيندي سسٽم بند ٿي وڃي،۽ ڪو انتظار ڪندو پيغام جو، پر نه سگنل آ…ڇو؟ ڇاڪاڻ ته اسان جو ٽاور تپندڙ سج هيٺ بيزار آهي، خاموشيءَ سان پگهر ۾ وهنجندڙ…!” گرمي پد وڌڻ سان ٽاور جا ريڊيو ٽرانسميٽر ۽ رسيور گهڻو گرم ٿين ٿا، جنهن سان سگنلن جي تڪرار (interference) وڌي ٿي.UPS، بيٽريون، ۽ ريڪٽي فائر گرميءَ جي ڪر جلدي وڌرڪ گرم ٿي وڃن ٿا، خاص ڪري جڏهن ٿڌاڻ جي مناسب سهولت نه هجي. موبائيل فون جي اندروني اجزا (CPU، GPU، RAM) وڌيڪ گرمي سان سست ٿي وڃن ٿا. ٽيڪنيڪل اثرن ۾ Overheating سان فون جي performance throttle ٿئي ٿي.چارجر تي گرمي سان charging efficiency گھٽجي وڃي ٿي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن fast charging system disable ٿي وڃي ٿو.
صحت جا ڊجيٽل اوزار گرمي جو شڪار:
ھڪ پاسي، هڪ ڏاڏو، گھر ويٺي بي پي مشين سان پنهنجي رت جي دٻاءَ کي سمجهي ٿو پر گرميءَ سان گيج بند ٿي منجھي ويو، ۽ پتو ئي نه پيو ته ڌڙڪن دل جي زور سان نه پر ڊجيٽل اوزار جي بي وسيءَ سان وڌي وئي هئي ڇا اسان جون حياتيون هاڻ انهن مشينن جي مزاج تي آهن؟۽ جيڪڏهن گرمي سندن دماغ ساڙي ڇڏي، ته اسان ڇا ڪنداسين؟ اسان کي اوزارن کي آرام، ڇانو، ۽ حفاظت ڏيڻي پوندي جيئن اهي اسان جي زندگين کي بچائڻ جو ڪم جاري رکي سگهن!” هڪ ماءُ، ڳوٺ جي گرميءَ ۾، ٻار جي تپ چڪاسڻ لاءِ ٿرما ميٽر کڻي ٿي‚ پر ڊجيٽل اسڪرين تي ته ڪجهه به صاف نٿو ڏيکاري. هن جو هٿ ڏڪيو، اک ۾ ڳوڙها آياکيس ته ڊجيٽل دور تي ويساهه هو، پر ان ڌاتوءَ جي تختي تي، نه احساس هو! گرمي جو شڪار انسا جي صحت سان گڏ صحت سان صحت سان لاڳاپيل اوزار پڻ ٿين ٿا. اھڙن اوزان جو مختصر بيان ڪجي ٿو.
گلوڪوميٽر:
گلوڪوميٽر اندر موجود enzymatic sensors، خاص گرمي جي حد تائين صحيح ڪم ڪن ٿا (عام طور تي 10°C – 40°C). ان کان وڌيڪ گرمي پد وڌڻ سان ري ايجنٽ اسٽرپس جي ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي.انزايم جي حساسيت گھٽجي ٿي، جنهن سبب خون ۾ شگر جو ماپو غلط اچي ٿو. گرميءَ جي ڪري sensors يا air pumps جو دٻاءُ متاثر ٿئي ٿو.اڪثر ڊجيٽل BP مشينن جي اندر calibration گرمي جي تبديلي سان delay يا misreading ڏيکاري ٿي.
ٿرماميٽر:
ٿرماميٽر جي اندر موجود thermistors يا IR sensors وڌندڙ گرمي جو environmental interference جوشڪار ٿين ٿارڳو جسم جو گرمي پد نه، پر ٻاھرين جي گرمي به ماپي وڃڻ لڳي ٿي.
گرميءَ سان ڊجيٽل اوزارن جا اندروني سرڪٽ (Printed Circuit Boards – PCBs) overheat ڪري سگهن ٿا، جنهن سان بيٽري ڦوٿڻ / ڦولجڻ‚ اسڪرين جو لوڏو کائڻ / اسڪرين تي هلڪيون جهلڪيون اچڻ‚: پروسيسر جو دير سان هلڻ / ڪم ڪرڻ ۾ سست رفتاري شامل آھن.ڊجيٽل ڊوائيسز لاءِ IP-rated covers نه هجن ته گرمي، نمي ۽ پسيني سان اوزار ڪورڊ يا بند ٿي سگهن ٿا. يا چارجنگ پورٽ ذريعي گرميءَ جي وهڪري سان USP Shortcutجو خطرو ٿئي ٿو. اڪثر ڊوائيسز home-use لاءِ ٺهيل هونديون آهن، ٻاھر کڻي وڃڻ لاء گرمي لاءِ نه ھوندو آھن. جيڪڏهن ڊوائيس گرميءَ ڪري غلط پڙهائي ڏي، ته علاج غلط دوا يا غلط فيصلي تي مبني هوندو، جيڪو انساني جان لاءِ خطري جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.