World Children’s Day … هر ٻارَ لاءِ برابريءَ جو حق!

0
195
World Children’s Day ... هر ٻارَ لاءِ برابريءَ جو حق!

 سڄي دُنيا ۾ ٻارڙن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هن سال 2023ع  Every Child, Every Rights جي ٿيم تحت اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پاڪستان، خصوصن سنڌ ۾ ٻارن جي اغوا، قتل، زيادتين، جبري پورهئي جي صورتحال اوهان سڀني جي سامهون آهي، ٻارن جي حقن بابت جوڙيل قانون تي عمل رياست جي ذميواري هوندي آهي، ٻارن جي حقن بابت ڪم ڪندڙ نجي ادارا ۽ تنظيمون وس آهر ڪم ڪن پيا، جڏهن ته وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. 1989ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي حقن بابت ٿيل اجلاس (Convention on the Rights of the Child)  ۾ ٺھراءُ منظور ٿيو ته، “ارڙھن سالن کان ننڍي ڄمار جو ھر انسان ٻار آھي”. اچو ته ٻارن جي بنيادي حق جو جائزو وٺون:

1) ڪنھن به ٻار کي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ رھڻ جو حق حاصل آھي. ڪوبه فرد، معاشرو يا ملڪ ٻارن کان اھو بنيادي حق نٿو کسي سگھي.

2) ھر ٻارَ کي مناسب کاڌي، خوراڪ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آھي.

3) ھر مائٽ جي اھا بنيادي جوابداري آھي ته، ھُو پنھنجي ٻار جي صحت، صفائي ۽ علاج جو پورو بندوبست ڪن. بُکَ ۽ بيوسيءَ ۾ ٻار جو موت انسانيت جي توھين آھي ۽ اخلاقي طور معاف نه ٿيڻ جھڙو گناھ آھي.

4) ڪنھن به ٻارَ کي سندس رنگ، نسل، جنس، ٻوليءَ، قوميت، مذھب، معذوريءَ يا ٻئي ڪنھن به سبب جي ڪري تعصب يا امتيازي سلوڪ جو شڪار نٿو بنائي سگھجي.

5) ٻارن کي ھڪ اھڙي ماحول ۾ پرورش پائڻ جو حق آھي، جيڪو ٻار کي ڪنھن به قسم جي جسماني، ذھني ۽ جنسياتي وحشانيت، بدسلوڪي ۽ تشدد کان مڪمل طور تي تحفظ ڏئي سگھي.

6) ھر ٻار کي مناسب توجهه، محبت ۽ اھڙي ماحول ۾ پروان چڙھڻ جو حق حاصل آھي، جيڪو اڳتي ھلي کيس معاشري جو ھڪ ڪارگر فرد بنائي سگھي.

7) ڪو به قانون ٻارن لاءِ اھي سزائون تجويز نٿو ڪري سگھي، جيڪي ھڪ عاقل، بالغ ۽ وات وڪيل ڏوھاريءَ کي ملي سگھن ٿيون.

اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ 1959ع ۾ ٻارن جي حقن جو پڌرنامون جاري ڪيو، جيڪو ھيٺين نڪتن تي مبني آھي:

دنيا جي ھر ٻار کي ھن پڌرنامي ۾ شامل ڪيل سمورا حق حاصل آھن. دنيا جي ڪنھن به ٻار کي رنگ، نسل، جنس، ٻوليءَ، مذھب، قوميت، جنم، دولت، سياسي اختلاف يا ٻئي ڪنھن سبب جي ڪري ھنن حقن کان محروم نٿو ڪري سگھجي.

ٻار جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ۽ ھن کي قانوني ۽ ٻين طريقن سان اھڙا موقعا ۽ سھولتون ميسر ڪيون وينديون، جن سان ھڪ صحتمند ماحول ۾ آزاديءَ ۽ عزت سان ھن جي جسماني، ذھني، اخلاقي، روحاني ۽ معاشرتي اوسر ٿي سگھي.

ڄمڻ سان ئي ٻار جو اھو حق آھي ته ھن جو ڪو نالو ۽ قوميت ھجي.

ھر ٻار کي سوشل سيڪيورٽيءَ جو فائدو ڏنو ويندو. ٻار جي صحتمند پالنا ڪئي ويندي. ٻار ۽ سندس ماءُ جي ويم کان پھرين ۽ پوءِ خاص سنڀال ۽ ٽھل ٽڪور ڪئي ويندي. مناسب خوراڪ، رھائش، راند روند ۽ علاج جي سھولت ھر ٻار جو حق آھي.

ذھني، جسماني يا معاشرتي طور معذور ٻار جي علاج، تعليم ۽ ٻين ضروري گھرجن جو خاص خيال رکيو ويندو.

ٻار معاشري جو ھڪ صحتمند ۽ ڪارگر انسان تڏھن بڻجندو، جڏھن ھن کي مناست توجهه ۽ پيار ملندو ۽ ھن جي نفسيات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪبي. جتي به ممڪن آھي ھُو پنھنجي مائٽن جي سنڀال ۽ ذميواريءَ ھيٺ رھندو. عام حالتن ۾ معصوم ٻار کي پنھنجي ماءُ کان الڳ نه ڪيو ويندو. ھر معاشري ۽ لاڳاپيل ادارن جو فرض آھي ته ھُو انھن ٻارن تي شفقت جو ھٿ رکن، جيڪي يتيم آھن يا جن کي پنھنجا مائٽ ناھن، انھن لاءِ سرڪار پاران مالي سھائتا ۽ ٻيون گھرجون پوريون ڪرڻ جي به ضرورت آھي.

ٻار جو اھو حق آھي ته ھن کي مفت ۽ لازمي تعليم ڏياري وڃي، خاص طور تي اسڪول جي سطح تائين. ھن کي اھڙي تعليم ڏني وڃي، جنھن سان ھو پنھنجا معاشرتي قدر سڃاڻي سگھي، برابريءَ جي بنياد تي پنھنجون صلاحيتون مڃائي سگھي، بھتر فيصلا ڪري سگھي، پنھنجي معاشرتي ۽ اخلاقي ذميوارين کي سمجھي سگھي ۽ معاشري جو ھڪ لاڀائتو فرد بڻجي سگھي. ٻار کي پنھنجو آئيندو سنوارڻ لاءِ بھترين رھنمائي ڏني وڃي. ٻار کي صحيح رستي تي ھلائڻ جي پھرين ذميواري ھن جي مائٽن جي آھي. تعليم جي حصول سان گڏوگڏ ٻار کي راند ۽ وندر جون اھي سھولتون ڏنيون وينديون جن سان ھن جي شخصيت نکري سگھي. ھر حالت ۾ ٻار کي مڪمل تحفظ ۽ ترت مدد فراھم ڪئي ويندي.

ٻار کي ھر قسم جي غفلت، ظلم ۽ استحصال کان بچايو ويندو. ڪنھن به صورت ۾ ھن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٿيڻ نه ڏبو. ٻار کان ھڪ خاص عمر تائين پھچڻ کان پھريائين نوڪري نه ڪرائي ويندي. ھن کان ڪوبه اھڙو ڌنڌو يا نوڪري نه ڪرائي ويندي، جنھن سان ھن جي صحت يا تعليم تي ڪو ھاڃيڪار اثر پوي يا ھن جي جسماني، ذھني يا اخلاقي اوسر متاثر ٿئي.

ٻار کي انھن ڳالھين کان بچائبو، جن سان تعصب، مذھبي انتھا پسندي يا اھڙي قسم جي ڪا ٻي جذباتي ڪيفيت پيدا ٿئي. ھن کي سمجهه، ساڃاھ، دوستي، امن، عالمي برادري ۽ رواداريءَ جا سبق پڙھايا ويندا. ھن کي پنھنجي تواناين ۽ صلاحيتن جي پوري ڄاڻ ھجڻ گھرجي ۽ ھن ۾ انساني ھمدرديءَ جو جذبو ھئڻ گھرجي.

جيتوڻيڪ گذريل پنجاھ سالن ۾ ٻارن جي حقن تي گھڻو ڪم ٿيو آھي ۽ مختلف ادارن ۽ رياستن پاڻ ۾ انھن حقن بابت اتفاق به ڪري ورتو آھي، پر ماھرن جي چوڻ مطابق انھيءَ ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اڃا گنجائش موجود آھي.