ڪراچي( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ناظم آباد ۾ غيرقانوني اڏاوتن بابت ڪيس ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تان سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ان ڏس ۾ جسٽس ظفر راجپوت جو چوڻ هو ته ڪيس هڪ سال کان رولڙي جو شڪار آهي، گذريل ٻڌڻيءَ تي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ هفتي جي مهلت ڏني هئي، اڃا تائين جواب جمع ناهي ڪرايو ويو،هن ريمارڪس ڏنا ته جڏهن عمارت تعمير ٿي ويندي ته اوهان جواب جمع ڪرائيندو ته غيرقانوني آهي، رهواسين کي عمارت خالي ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن، هاڻي اوهان کي 25 هزار رپيا في ڏينهن جي ڏنڊ واري مهلت ڏني ويندي، ايس بي سي اي اختيارين جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن ڏينهن جي مهلت گهري ورتي، عدالت ايس بي سي اي اختيارين کي 18 نومبر تي جواب سان گڏ 50 هزار جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي
26هين ترميم: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وفاق کان جواب طلب
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 26 هين آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل ضياءَ مخدوم، ابراهيم سيف الدين، بيريسٽر علي طاهر ۽ ٻيا پيش ٿيا، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواستگذارن 26 ترميم کي چلينج ڪيو آهي، سپريم ڪورٽ ۾به آئين جي آرٽيڪل 184(3) تحت اهڙيون ئي درخواستون داخل ٿيل آهن، اهڙن مامرن وارا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جنهن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان کي درخواستن تي ٻڌڻي کان روڪيو ويو آهي؟ کوڙ سارا فيصلا موجود آهن، جن ۾ سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پهريائين هاءِ ڪورٽن کي فيصلا ڪرڻ ڏيو، اسان کي هاءِ ڪورٽ جي اختيارن جو علم آهي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجو جواب جمع ڪرايو، اسان توهانجا سمورن نقطن تي دليل ٻڌنداسين، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن سمورن دليلن بعد عدالت چوي ته پهرين سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي، جنهن بعد سموري ايڪسرسائيز ضايع ٿي ويندي، چيف جسٽس چيو ته توهان پهرين جواب جمع ڪرايو، اسان توهانجا سمورا اعتراض به ٻڌنداسين، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل کي ٽن هفتن جي ملهت ڏئي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.