اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان ڪنهن به عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين، ضابطن بنا اظهار جي آزادي ۽ نفرت وارا بيان عدم استحڪام آڻي رهيا آهن، خوارج دنيا جي سمورين دهشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسيز جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن، افغانستان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو عزم اٽل آهي، پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، عزم استحڪام نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ اهم حصو آهي، عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آهي. اسلام آباد ۾ مارگلا ڊائيلاگ 2024 جي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته ڪجهه سالن ۾ دنيا کي ڪيترن ئي چئلينجز جو منهن ڏسڻو پيو آهي، انهن چئلينجز ۾ غلط ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات تيزي سان پکڙجڻ اهم چئلينج آهي، عالمي سطح تي معيشت، فوج ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڏيون تبديليون ٿيون آهن، پرتشدد غيررياستي عنصر ۽ رياستي سرپرستيءَ ۾ دهشتگردي عالمي سطح تي هڪ وڏو چئلينج آهي، پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو، جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان افغان عبوري حڪومت کان اميد ڪري ٿو ته دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جو استعمال ٿيڻ نه ڏيندي، فتنو پکيڙيندڙ خارجي سڄي دنيا جي سمورين دهشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسيز جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن، ڀارتي انتهاپسنداڻي رويي سبب پرڏيهه خاص ڪري آمريڪا، برطانيا ۽ ڪئنيڊا ۾ به اقليتون محفوظ نه آهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم بربريت به هندو توا نظريي ۽ پاليسي جو تسلسل آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي مرضي موجب حل اڻٽر آهي، پاڪستان هميشه غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي، پاڪستان غزه ۽ لبنان کي انساني همدردي جي بنيادن تي امداد موڪلي آهي، پاڪستان هميشه هڪ آزاد فلسطيني رياست ٺاهڻ تي زور ڏنو آهي