اسان ڪنهن به عالمي تڪرار جو حصو نه بڻجنداسين، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان جو عزم اٽل آهي، پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، عزم استحڪام نيشنل ايڪشن پلان جو هڪ اهم حصو آهي، عزم استحڪام جو مقصد دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جو خاتمو آهي: آرمي چيف جنرل عاصم منير جو اسلام آباد ۾ مارگلا ڊائيلاگ 2024 جي خصوصي تقريب کي خطاب، دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين، عالمي امن خاطر 2 لک 35 هزار پاڪستاني گڏيل قومن جي امن منش ۾ ڪردار ادا ڪري چڪا آهن، آرمي چيف چيو ته پاڪستان افغان عبوري حڪومت کان اميد ڪري ٿو ته دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين جو استعمال ٿيڻ نه ڏيندي، فتنو پکيڙيندڙ خارجي دنيا جي سمورين دهشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسيز جو ڳڙهه بڻجي چڪا آهن، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته ڀارتي انتهاپسنداڻي رويي سبب پرڏيهه خاص ڪري آمريڪا، برطانيا۽ ڪئنيڊا ۾ به اقليتون محفوظ نه آهن، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو ظلم بربريت به هندو توا نظريي ۽ پاليسي جو تسلسل آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي مرضي موجب حل اڻٽر آهي، پاڪستان هميشه غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي، پاڪستان غزه ۽ لبنان کي انساني همدردي جي بنيادن تي امداد ڏني، پاڪستان هميشه هڪ آزاد فلسطيني رياست ٺاهڻ تي زور ڏنو آهي