ڪفن ٻڌي نڪرنداسين، فيصلائتي جنگ جو وقت اچي ويو: علي امين گنڊاپور

0
23
ڪفن ٻڌي نڪرنداسين، فيصلائتي جنگ جو وقت اچي ويو: گنڊاپور
ڪفن ٻڌي نڪرنداسين، فيصلائتي جنگ جو وقت اچي ويو: گنڊاپور

پشاور(م ڊ)خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته فيصلائتي جنگ جو وقت اچي ويو، هاڻي انقلاب جو وقت تمام جلد ايندو

هن دفعي ڪفن ٻڌي نڪرانداسين، پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو آهي ته سمجهه ۾ اچي ويو ته هن ملڪ ۾ قانون موجب، شرافت ۽ عزت سان حق نه ملندا آهن، ڪوشش آهي ته قانون خلاف نه وڃون پر اسان کي مجبور ڪيو وڃي ٿو

وڏي وزير وڌيڪ چيو ته هن ڀيري جڏهن اسان نڪرنداسين ته گهرن ۾ ٻڌائي اينداسين ته جيڪڏهن اسان واپس نه اچون ته اسان جا جنازا پڙهي ڇڏجو، ان موقعي تي وڏي وزير  ڪي پي ۾ شاگرد يونينز بحال ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو