اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي پي اين جي استعمال کي غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو، ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر راغب نعيمي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت وٽ شرعي لحاظ سان اختيار آهي ته اُها بُرائي تائين پهچ جا سمورا وسيلا روڪي، تڪراري، گستاخ ۽ ملڪي سلامتي خلاف استعمال ٿيندڙ ايپ فوري بند ڪئي وڃي، غيراخلاقي توڙي غيرقانوني مواد تائين پهچ لاءِ انٽرنيٽ يا ڪنهن سافٽ ويئر جو استعمال منع آهي، عيرقانوني مواد يا بلاڪ ٿيل ويب سائيٽس تائين پهچ لاءِ وي پي اين جو استعمال شرعي لحاظ کان ناجائز آهي.
شهباز، بلاول، فضل الرحمان سوڌو اهم اڳواڻ وي پي اين استعمال ڪن ٿا !
ڪراچي (م ڊ) حڪومتي شخصيتون ۽ مذهبي اڳواڻ به وي پي اين استعمال ڪندڙن ۾ شامل آهن، اسلامي نظرياتي ڪائونسل وي پي اين استعمال کي شرعي لحاظ کان ناجائز قرار ڏنو آهي، نجي ٽي وي اي آر واءِ موجب وزيراعظم شهباز شريف، فضل الرحمان، بلاول ڀٽو زرداري، مفتي تقي عثماني ۽ ٻيا وي پي اين استعمال ڪندا رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وي پي اين استعمال ڪري ٽوئيٽ ۾ مبارڪون ڏنيون هيون، بلاول به وي پي اين استعمال ڪندي ٽوئيٽ ڪندو آهي، پاڪستان علماءَ ڪائونسل سربراهه مولانا طاهر محمود اشرفي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وزير دفاع خواجه آصف، وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز، مريم اورنگزيب، رانا ثناءُالله، گهرو وزير محسن نقوي به وي پي اين استعمال ڪري سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندا رهيا آهن.
غيرقانوني وي پي اين بند ڪرڻ لاءِ پي ٽي اي کي خط
اسلام آباد: گهرو وزارت پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کي غيرقانوني وي پي اين بند ڪرڻ لاءِ خط لکيڇڏيو آهي، گهرو وزارت موجب دهشتگرد وي پي اين استعمال ڪري رهيا آهن، وي پي اين ذريعي دهشتگرد بينڪ ٽرانزيڪشن ۽ دهشتگردي ۾ مدد حاصل ڪندا آهن، وي پي اين استعمال ڪري دهشتگرد پنهنجي سڃاڻپ ۽ ڳالهه ٻولهه لڪائيندا آهن، جڏهن ته وي پي اين کي فحاشي ۽ توهين آميز مواد لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. واضح رهي ته وي پي اين (ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ) هڪ اهڙي نيٽورڪ جو نالو آهي جيڪو واهپيدارن کي لڪيل برائوزنگ جي اجازت ڏيندو آهي، اهڙا ملڪ جتي واهپيدارن کي سوشل ميڊيا سائيٽس تائين پهچ ممڪن ناهي هوندي اتان جا واهپيدار وي پي اين جي مدد سان پنهنجو هنڌ تبديل ڪري سوشل ميڊيا ۽ ٻيون ويب سائيٽس استعمال ڪندا آهن.
وي پي اين سان لڪيل برائوزنگ جي سهولت ملي ٿي
ڪراچي (م ڊ) وي پي اين (ورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪ) هڪ اهڙي نيٽورڪ جو نالو آهي جيڪو واهپيدارن کي لڪيل برائوزنگ جي اجازت ڏيندو آهي، اهڙا ملڪ جتي واهپيدارن کي سوشل ميڊيا سائيٽس تائين پهچ ممڪن ناهي هوندي اتان جا واهپيدار وي پي اين جي مدد سان پنهنجو هنڌ تبديل ڪري سوشل ميڊيا ۽ ٻيون ويب سائيٽس استعمال ڪندا آهن.