آمريڪي ڪانگريس جو عمران بابت خط مداخلت آهي، انڌي حمايت تي حيران آهيون، چونڊن بابت راءِ درست ناهي: پاڪستاني پارليامينٽيرينز

0
27
اهم قانونسازي جون تياريون مڪمل، ڪابينا ۽ پارليامينٽ جا اڄ اجلاس: دهشتگردي ايڪٽ سوڌو 3 بل منظوري جو امڪان
اهم قانونسازي جون تياريون مڪمل، ڪابينا ۽ پارليامينٽ جا اڄ اجلاس: دهشتگردي ايڪٽ سوڌو 3 بل منظوري جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آمريڪي ڪانگريس جي 60 ميمبرز  جي جواب ۾ پاڪستاني پارليامينٽ جي 160 ميمبرز خط لکي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف آمريڪي ڪانگريس کي ٻڌائي ته فيبروري 2024ع جي عام چونڊن بابت سندن راءِ درست ناهي

پي ٽي آءِ جِي ڪوشش رهي آهي ته چونڊ عمل کي بدنام ڪري، پاڪستان ۾ چونڊن کي عالمي سطح تي آزاد ۽ شفاف مڃيو ويو هو، پارليامينٽ جي 160 ميمبرز پاران وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڊجيٽل دهشتگردي وسيلي رياست کي ڌمڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا استعمال ڪئي، سندس ناڪاري مهم ۾ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ترسيل ماڻهو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن

پي ٽي آءِ باني ڪرپشن جي ثابت ٿيل الزامن ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهي، ڪانگريس ميمبرز پاران ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي تبصرو عدالتي عمل متاثر ڪرڻ برابر آهي، آمريڪي ڪانگريس ميبمرز ڊونلڊ لو جي شاهدي کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ باني رياستي ادارن خلاف سياسي تشدد کي متعارف ڪرايو، 9 مئي 2023ع تي هنگاما ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، جٿن کي پارليامينٽ، سرڪاري ٽي وي جي عمارت ۽ ريديو پاڪستان تي حملن لاءِ ڀڙڪايو ويو

عمران ڊجيٽل دهشتگردي سبب رياست کي ڌمڪائڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو سهارو ورتو. خط ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ناڪاري مهم ۾ ڪردار آمريڪا، برطانيا ۾ رهندڙ باغي عنصر ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۽ برطانيا جي رياستون پنهنجي شهرين خلاف غير معمولي قدم کڻڻ تي مجبور آهن