سي ايم هائوس ڪي پي ۾ اڳواڻ گڏ ٿيڻ شروع ٿي ويا، ڪجهه دير بعد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ قافلو اسلام آباد روانو ٿيندو، ڊي اسماعيل خان کان قافلو علي امين گنڊاپور جي ڀاءُ عمر امين گنڊاپور جي اڳواڻي ۾ اسلام آباد لاءِ روانو، عمر امين گنڊاپور جي قافلي ۾ بلوچستان ۽ پنجاب کان ايندڙ قافلا به شامل، چيچه وطني ۾ پي ٽي آءِ جي قافلي کي پوليس روڪي ورتو، 10ڪارڪن گرفتار، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اڄ هر صورت ۾ اسلام آباد وينداسين، ڪي پي کان احتجاج ۾ شامل سمورن قافلن جي اڳواڻي مان پاڻ ڪندس، پي ٽي آءِ باني جي آزادي تائين احتجاج جاري رهندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سي ايم هائوس ڪي پي جي اجلاس ۾ اڄوڪي احتجاج جي حڪمت عملي فائنل ڪئي وئي، فيصلو ڪيو ويو ته ڪارڪن، اڳواڻ، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز ڌار ڌار اسلام آباد پهچڻ جي ڪوشش ڪندا، ڳالهيون نه ڪيون وينديون، پي ٽي آءِ باني جي آزادي بعد احتجاج ختم ٿيندو، اڳواڻن کي وائرليس سميت ٻيون ضروري شيون به گڏ کڻي هلڻ جون به هدايتون