محرابپور ريلوي اسٽيشن تي هلندڙ ٽرين تي چڙهڻ جي ڪوشش دوران پير وسڻ واسي هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي ٽرين هيٺان اچي فوت
ٽرين تي چڙهڻ دوران مسمات رضيه، سندس ڏوهٽي ابيها ۽ ٻارڙيءَ جو ڏاڏو سليم جٽ ٽرين هيٺان اچي فوت ٿي ويا، معصوم ٻارڙي عنيا جي ٻانهن ڪٽجي وئي
ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل، ريلوي اختيارين موجب بدنصيب خاندان محرابپور کان بهاولپور ويندڙ قراقرم ايڪسپريس ۾ چڙهڻ دوران حادثي جو شڪار ٿيو