ٽرمپ جي ڪاميابي جنگ مخالف فتح قرار، پاڪ-آمريڪا لاڳاپا مضبوط ٿيندا: پاڪستاني سياسي قيادت

0
18
ٽرمپ جي ڪاميابي جنگ مخالف فتح قرار، پاڪ-آمريڪا لاڳاپا مضبوط ٿيندا: پاڪستاني سياسي قيادت
ٽرمپ جي ڪاميابي جنگ مخالف فتح قرار، پاڪ-آمريڪا لاڳاپا مضبوط ٿيندا: پاڪستاني سياسي قيادت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، قومي اسيمليءَ جي اسپيڪر اياز صادق، آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي ڊونلڊ ٽرمپ کي مبارڪباد ڏني آهي

وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪندا، ٽرمپ انتظاميه سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون

ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارتي چونڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول ڀٽو زرداري ”ايڪس“ تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”ڊونلڊ ٽرمپ کي تاريخي فتح تي مبارڪباد ڏيان ٿو، آمريڪا جي عوام ٽرمپ ۽ سندس ٽيم کي شاندار ڪاميابي ڏني“. هن چيو ته اها جنگ مخالف فتح ۽ جنگ مخالف مينڊيٽ آهي، اميد آهي ته آمريڪا جي نئين انتظاميه عالمي تڪرار ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي

ججز مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ: اسپيڪر پاران حڪومت ۽ اپوزيشن کان نالا طلب

ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر آمريڪي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. قومي اسيمليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جو ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊجڻ آمريڪي عوام جي سندس قيادت تي اعتماد جو مظهر آهي

ڪي پي جو وڏو وزير 15 ڏينهن اندر پنهنجي ليڊر کي جيل مان آزاد ڪرائي ڏيکاري:خواجا آصف

وزير دفاع خواجه آصف چيو آهي ته آمريڪا سان جتي ٻطرفي لاڳاپن جي ڳالهه ٿيندي گڏ هلنداسين پر جتي ضرورت پئي ته ڀرپور اختلاف ڪنداسين، خاص طور غزه، لبنان ۽ عراق ۾ جنگبندي جي ضرورت آهي، ان تي ڪا ئي ڳالهه نٿي ٿي سگهي، نسل ڪشي بند ڪرڻ لاءِ نئين آمريڪي حڪومت کي قدم کڻڻا پوندا