واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلسطينين کي مصر ۽ اردن اماڻي غزه کي پاڪ ڪرڻ جو منصوبو سامهون آيو آهي، جنهن کي حماس ۽ اردن ٻنهي رد ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي جي رپورٽ موجب نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر واري ڏينهن ”غزه کي پاڪ ڪرڻ“ جي عنوان سان هڪ منصوبو پيش ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته هو چاهي ٿو ته مصر ۽ اردن سميت عرب ملڪ وڌيڪ فلسطينين کي پناه ڏين ته جيئن جنگ سبب متاثر علائقن م امن قائم ڪري سگھجي. ٽرمپ غزه کي “تباهه ٿيل علائقي“ طور بيان ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته اسين پوري خطي کي صاف ڪرڻ لاءِ 15 لک ماڻهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. اهو قدم عارضي يا ڊگهي مدي وارو ٿي سگهي ٿو. صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اردن جي شاهه عبدالله سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول ۾ غزه کان وڌيڪ فلسطينين کي پناهه ڏيڻ جو چيو آهي، جڏهن ته هو مصر جي صدر السيسي کي به چوندو ته غزه مان وڌيڪ فلسطنيين کي پاڻ وٽ آباد ڪن. هوڏانهن حماس جي ترجمان اداري جي سربراهه باسم نعيم چيو آهي ته غزه جي پٽي ۾ فلسطيني عوام صرف پنهنجي سر زمين لاءِ 15 مهينن تائين موت ۽ تباهي برداشت ڪئي آهي. هن ٽرمپ جي تجويز کي رد ڪندي چيو ته هو نئين سر تعمير جي اوٽ ۾ اهڙي ڪنهن تجويز کي منظور نه ڪندا. نعيم وڌيڪ چيو ته اسان جا ماڻهو غزه جي اڳ کان بهتر اڏاوت جي صلاحيت رکن ٿا. شرط آهي ته هن علائقي جو گھيرو ختم ڪيو وڃي. ساڳي طرح فسلطين جي اسلامي جھاد تحريڪ به ٽرمپ جي تازن بيانن جي سخت مذمت ڪندي مصر ۽ اردن سميت سمورن ملڪن کان ٽرمپ جي ان منصوبي کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. فلسطين اسلامي جھاد تحريڪ جو چوڻ آهي ته ثابت قدمي ۽ مزاحمت سان اهو منصوبو ناڪام ٿي ويندو، ڇو جو ان کان اڳ ڪيترن ئي مهينن وارا ڪيئي منصوبا ناڪام ٿي چڪا آهن. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته هي منصوبو فلسطينين جي حق۽ وجود جي خلاف آهي، جڏهن ته ان سان جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جو تسلسل قائم ٿيندو. هوڏانهن اردن غزه مان فلسطينين کي ڪڍي اردن ۾ آباد ڪرڻ واري منصوبي کي رد ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اردن جي پرڏيهي وزير ايمن صفدري چيو آهي ته اردن جو فلسطنين جي ڪنهن به قسم جي بي دخلي کي رد ڪرڻ جو موقف مضبوط ۽ اڻٽٽ آهي. هن چيو ته اسان جي ترجيح ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته فلسطيني پنهنجي ڌرتيءَ تي موجود رهن.