واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جو نئون صدر ڊونلڊ ٽرمپ يا ڪملا هيرس؟ آمريڪا ۾ 47هين صدر جي چونڊ لاءِ 25 کان وڌيڪ رياستن ۾ پولنگ جاري آهي، هڪ پولنگ اسٽيشن جو نتيجو اچي ويو، ڪملا ۽ ٽرمپ کي برابر ووٽ مليا. 6 مختلف ٽائيم زونز سبب آمريڪي رياستن ۾ ڌار ڌار وقت تي پولنگ جي پڄاڻي ٿيندي، 7 ڪروڙ 89 لک آمريڪي شهري پولنگ کان اڳ ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن، ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ ڪملا هيرس ۾ سخت مقابلي جا امڪان آهن، ڪنهن به اُميدوار کي کٽڻ لاءِ اليڪٽورل ڪاليج جي ڪُل 538 مان گهٽ ۾ گهٽ 270 اليڪٽورل ووٽ گهربل هوندا، ميڊيا موجب انهن ما ريپبلڪن پارٽي وٽ 220 ۽ ڊيموڪريٽ وٽ 212 ووٽ پڪا آهن باقي 7 سوئنگ اسٽيٽس ڪنهن به اُميدوار جي ڪاميابي ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪنديون، آمريڪي ووٽر نمائندن جي ايوان جي 435 ميمبرز ۽ 34 سينيٽرز جي به چونڊ ڪري رهيا آهن. ووٽنگ جي پڄاڻي کانپوءِ نتيجا ڪڏهن ايندا ان ڳالهه جو صدارتي اميدوارن ۾ مقابلو سخت ٿيو ته امڪان آهي ته نتيجن جي اعلان ۾ ڪجهه ڏينهن به لڳي سگهن ٿا. آمريڪي ميڊيا موجب قومي سطح تي ڊونلڊ ٽرمپ جا 47 سيڪڙو ووٽر ۽ 48 سيڪڙو ڪملا هيرس جا حامي آهن. ٻنهي اميدوارن پاران ڪاميابي جون دعوائون ڪيون پيون وڃن. ايريزونا، جارجيا، مشي گن، نيواڊا، پينسلوينا، نارٿ ڪيرولينا ۽ وسڪانسن ۾ مجموعي اليڪٽورل ووٽن جو تعداد 66 آهي، آمريڪي صدارتي چونڊن دوران امن امان کي برقرار رکڻ ۽ اليڪشن عملي تي تشدد جي خدشن کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت انتظام ڪيا ويا آهن. آمريڪي رياست اوريگان، واشنگٽن ۽ نيواڊا ۾ نيشنل گارڊز کي فعال ڪيو ويو آهي، جڏهن ايف بي آءِ طرفان به ڪمانڊ پوسٽ قائم ڪئي وئي، هڪ ڳوٺ ڊڪسوائل نوچ جو نتيجو اچي ويو، جنهن ۾ ڪل ووٽس 6 مان 3 ٽرمپ ۽ 3 ڪملا کي مليا، ان موقعي تي پولنگ اسٽيشن تي ساز اڪارڊين به وڄايو ويو. ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجو ووٽ فلوريڊا رياست ۾ زال ميلانيا سان گڏجي ڪاسٽ ڪيو هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن مشي گن مان کٽيو ته صدر ٿي ويندس، 95 سيڪڙو کٽڻ جي پڪ آهي، کٽي ويس ته آمريڪا کي نئين بلندين کي کڻي ويندس. هن چيو ته آئون پرڏيهين جي آمريڪا اچڻ جي نه پر غيرقانوني پرڏيهين جي اچڻ جو مخالف آهيان. هن چيو ته جيڪڏهن مون کي شڪست ملي ته مون کي پنهنجي حامين کي پرامن رهڻ جي هدايت ڪرڻ جي ضرورت ناهي. نائب صدارتي اميدوار جي ڊي وينس به ووٽ ڏنو. ٻئي طرف ڪملا هيرس هڪ هفتو اڳ پوسٽل ووٽ ڪاسٽ ڪيو هو. هن جو چوڻ آهي ته آمريڪي عوام نئين تاريخ رقم ڪري مون کي کٽرائيندا. مختلف رياستن ۾ ووٽنگ دوران مسئلا به پيش آيا، ايريزونا جي اپاچي ڪائونٽي ۾ ماڻهن کي ووٽنگ کان روڪڻ جون شڪايتون مليون، پينسلوانيا جي ڪيمبيا ڪائونٽي ۾ بيلٽ پيپر جي مسئلي جي ڪري نوان بيلٽ پيپر اماڻيا ويا. هڪ همراهه کي گن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو. مختلف پولنگ اسٽيشنن تي بم جا اطلاع مليا جنهن ڪري حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا . انتظاميا موجب اهو پتو لڳايو پيو وڃي ته انهن بم اطلاعن ۾ روس جو هٿ ته نه آهي. پينسلوانيا ۾ هيرس جي حامين هڪ لک کان وڌيڪ در کڙڪائي عوام کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. ٽرمپ ۽ هيرس کانسواءِ لبرٽيرين پارٽي جو چيز اوليور، آزاد اميدوار ڪورنيل ويسٽ، جان ايف ڪينيڊي جو ڀاڻيجو رابرٽ ڪينيڊي جونيئر ۽ گرين پارٽي جي جل اسٽين به صدارتي چونڊن ۾ اميدوار آهن. چونڊن جي درست اڳڪٿي ڪندڙ اڳواڻ ايلون لچ اڳڪٿي ڪئي آهي ته چونڊون ڪملا هيرس کٽيندي. هاڻ اسان جهڙن گورن جو وقت ختم ٿي رهيو آهي.