ڀارت ۾ ڦاٿل مهاڻا آزاد ڪرايو: مهاڻن جي رجسٽريشن ڪري صحت ڪارڊ ڏيو: ماهيگير اسيمبلي

0
19
ڀارت ۾ ڦاٿل مهاڻا آزاد ڪرايو: مهاڻن جي رجسٽريشن ڪري صحت ڪارڊ ڏيو: ماهيگير اسيمبلي
ڀارت ۾ ڦاٿل مهاڻا آزاد ڪرايو: مهاڻن جي رجسٽريشن ڪري صحت ڪارڊ ڏيو: ماهيگير اسيمبلي

ڪراچي/ ملير( نمائندن وٽان)  سنڌ جي مھاڻن، سماجي اڳواڻن ۽ سياستدان مطالبو ڪيو آهي ته  مهاڻن جي رجسٽريشن ڪري  کين صحت ڪارڊ جاري ڪري ھندستاني جيلن ۾ قيد پاڪستاني مھاڻن کي فوري طور آزاد ڪرايو وڃي، ڪالهه پاڪستان فشرفوڪ فورم پاران ابراهيم حيدري ۾ ڪوٺايل پهرين ماهيگير عورت اسيمبلي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سينيئر وائيس چيئرپرسن ياسمين شاھه چيو ته پاڪستان ۾ پھريون دفعو عورت ماھيگير اسيمبلي گھرائي وئي آھي، هن چيو ته هن جديد دور ۾ مهاڻيون پٺتي پيل آھن، اهي انيڪ مسئلن کي منھن ڏئي رھيون آھن، مهاڻيون عورتون سمنڊ ۾ وڃي مڇي ماري پنھنجن ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿيون، مهاڻن جون نياڻيون غربت سبب تعليم جي زيور کان محروم آھن، سنڌ حڪومت ۽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي به مهاڻين کي نظر انداز ڪيو آھي، فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چونڊن ۾ مهاڻي ووٽ ڪاسٽ ڪري ٿي پر سوسائٽي ۾ سندن ڪا به نمائندگي ناهي، اسين چئون ٿا ته سوسائٽي بورڊ ۾ ڪنهن مهاڻيءَ کي ڊائريڪٽر طور شامل ڪيو وڃي، سماج سڌارڪ ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو چيو ته سنڌو درياءَ جا اصل مالڪ مھاڻا آھن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته کين نظراندز ڪيو ويو آهي، هن وقت اھي فاقا ڪشي واري زندگي پيا گذارين،  سمند سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 45 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي، وفاقي حڪومت وري سنڌو درياءَ تي 6 ڪئنال ڪڍڻ جا منصوبو جوڙي رهي آهي، جنھن سان سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿيندي، انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو چيو ته ملڪ جي آئين ۾ سمورين شھرين جا حق واضح آھن، اسين حڪومت کي ڀارت ۾ قيد مهاڻن جي آزادي ۽ مهاڻين جي حقن لاءِ لکنداسين۔ اسيمبلي کي  پشپا ڪماري اعظميٰ نوراني، نوشابه عالم،  قرت العين ۽ ٻين خطاب ڪيو، انهن موقعي تي مهاڻن جي زندگي تي خاڪا ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا.