اسلام آباد: پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سان ڪا به ذاتي مخالفت نه آهي، باني پي ٽي آءِ ملڪ جو ماحول خراب ڪيو هو، توهان به اهو ڪم ڪندا ته پوءِ سڀاڻي توهان ۽ مان به جيل ۾ هونداسين
پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان کي ڏسي گئلري مان ويٺل ماڻهن مان ڪير به سياستدان بڻجڻ نه چاهيندو، سياست کي هڪ گار بڻايو ويو آهي
هن چيو ته آئين جي بالادستي کانسواءِ پارليامينٽ سميت ڪو به ادارو نه ٿو هلي سگهي، اسان جو حڪومت سان راءِ جو اختلاف هوندو آهي، ان ڳالهه سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته ڪنهن منهنجي پيءُ يا ماءُ کي جيل ۾ وڌو
هن چيو ته توهان جو ليڊر ڪجهه عرصي لاءِ جيل ۾ آهي ڪو فرق نه ٿو پوي، هن جو ڪيس ميرٽ تي وڙهو، اختر مينگل جهڙي سينيئر سياستدان جي استعيفيٰ تي افسوس آهي، کيس ايوان ۾ هجڻ گهرجي