اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين چيف جسٽس پاران ڪيس تڪڙا هلائڻ جي ڪوشش، هفتي ۾ 968 ڪيسز ٻڌڻي لاءِ مقرر، سپريم ڪورٽ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي
\جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي اڄ هڪ وڳي فُل ڪورٽ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس 8 نومبر تي ٿيندو، چيف جسٽس جي هدايت تي سپريم ڪورٽ جي سمورن ڪورٽ رومز ۾ لائيو اسٽريمنگ سروس مهيا ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي
ذريعن موجب لائيو اسٽريمنگ جي سروس سائلن جي راضپي سان مشروط هوندي، سمنڊ پار پاڪستاني سائل به پنهنجي ڪيسز تي ٻڌڻي لائيو ڏسي سگهندا، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم جڊيشل ڪائونسل جو چيئرمين به ٿي ويو آهي
چيف جسٽس نئين سر ججز ڪاميٽي به جوڙي ورتي، جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي ڪاميٽي ۾ واپس آندو ويو آهي، اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ آرڊيننس وسيلي ترميم بعد جسٽس منيب اختر جي جاءِ تي جسٽس امين الدين خان کي شامل ڪيو هو
جسٽس منصور به ڪاميٽي ۽ بينچز ۾ ويهڻ کان انڪار ڪيو هو. هوڏانهن سُپريم ڪورٽ اڄ کان شروع ٿيندڙ عدالتي هفتي جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي، 28 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين 968 ڪيسز ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن
سپريم ڪورٽ ۾ 8 ريگيولر بينچز ڪيسز جون ٻڌڻيون ڪنديون، پهرين بئنچ نئين چيف جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي ٻڌل هوندي، چيف جسٽس جي ڪورٽ ۾ هڪ هفتي دوران 140 ڪيسز ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا
جسٽس منيب ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل ٻي بئنچ آڏو به سڄو هفتو 140 ڪيسز مقرر ڪيا ويا، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل بئنچ به هڪ هفتي دوران 140 ڪيسز تي ٻڌڻي ڪندي
چوٿين بئنچ 3 رڪني هوندي اها 58 ڪيسز ٻڌندي، پنجين، ڇهين، ستين بئنچ آڏو به 140-140 ڪيسز هوندا. اٺين بئنچ جسٽس سردار طارق مسعود، جسٽس مظهر عالم ميان خيل تي ٻڌل هوندي جيڪا 70ڪيسز جي ٻڌڻي ڪندي، چيف جسٽس پاران ڪيسز اڪلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري ئي ايتري انگ ۾ ڪيسز ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن