اسلام آباد: 24 نومبر تي ڪا به آزادي نه پئي ٿئي: فيصل واوڊا

0
14
24 نومبر تي ڪا به آزادي نه پئي ٿئي: فيصل واوڊا
24 نومبر تي ڪا به آزادي نه پئي ٿئي: فيصل واوڊا

اڳوڻي وفاقي وزير  ۽ سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته 24 نومبر تي ڪا به آزادي نه پئي ٿئي، گنڊاپور ڪنهن جو پيغام کڻي اڊياله جيل ويو،  هڪ شخص جي آزادي لاءِ ڊرامو ٿي رهيو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته  ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ عدم استحڪام  چاهين ٿا، اسان ڪڏهن به ڪنهن ملڪ جي معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪئي، پرڏيهه مان پاڪستاني معاملن ۾ مداخلت ڪئي پئي وڃي، ٻيا ملڪ پنهنجي ڪم سان ڪم رکن، ٻڌايو وڃي ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪٿي ٿي رهي آهي، باني پي ٽي آءِ لاءِ سڀ ڊرامو ڪري رهيا آهن، هر مهيني احتجاج جو سڏ تبديل  ٿيندو  رهي ٿو، هاڻي نومبر ۾ ڪال آئي ، اها ڪال وري جنوري ۾ ويندي