تحريڪ انصاف حڪومت سان رابطن واري خبرن کي جڙتو قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۽ حڪومت ۾ ڪو به رابطو ناهي ٿيو، خبر ڪوڙي آهي، پي ٽي آءِ جي جي اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم چيو آهي ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڪنهن سطح تي ڪوبه رابطو ناهي ٿيو ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو، احتجاج کي ڪنهن به حوالي سان روڪي نه ٿو سگهجي،حڪومت سان رابطن بابت خبر ڪوڙي آهي، اهڙي خبر کي احتجاج ۽ تيارين کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش سمجهون ٿا.