ڪا مني بجيٽ نه اچي رهي آهي، 12 هزار 9 سئو 70 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف پورو ڪيو ويندو: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو اعلان، محمد اورنگزيب چيو آهي ته پرائمري سرپلس هدف ڪاميابي سان پورو ڪيو، هاڻي اين ايف سي تي نظرثاني جي ضرورت آهي، ٽيڪس اوڳاڙي کي انفورسمنٽ ۽ انتظاميا قدمن سان بهتر ڪيو ويندو، 11کاتن ۾ رائٽ سائزنگ جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي، 5 کاتن ۾ ڪم جاري آهي، آءِ ايم ايف وفد سان توانائي جي شعبي ۾ سڌارن تي گهڻي ڳالهه ٻولهه ٿي، جينڪو، ڊسڪوز ۽ ايئرپورٽ کي خانگي شعبي کي ڏينداسين