اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق جا انتظار پنجوٿا جي بازيابي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته اسلام آباد ۾ به ڪراچي واري صورتحال آهي، ڀتي جون پرچيون ملي رهيون آهن، پي ٽي آءِ باني جي فوڪل پرسن انتظار پنجوٿا جي وڪيل علي بخاري چيو ته ٽيون ڏينهن رات آءِ جي فون ڪري ٻڌايو ته بازيابي ٿي وئي آهي، هن جي حالت خراب هئي بيان نه ٿو ڪري سگهان، اهو واقعو سڀاڻي ڪنهن سان به ٿي سگهي ٿو، چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل کي چيو ته توهان به ان کي ڏسو ته مسنگ پرسنز جا واقعا ڇو ٿي رهيا آهن، ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته اٽارني جنرل جي ڪوششن سان بازيابي ٿي ان کي به ناڪاري انداز ۾ ورتو پيو وڃي، چيف جسٽس چيو ته اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، منهنجن ڄاڻ وارن کي به ڀتي جون پرچيون مليون آهن، شعيب شاهين ايڊوڪيٽ چيو ته جڏهن پوليس اسان جهڙن دهشتگردن جي پٺيان هوندي ته ڌاڙا به لڳندا ۽ ڏوهه به وڌندا، چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل ڪوشش ڪئي، هو لا آفيسر آهي، هن خلاف ناڪاري مهم نه هلڻ گهرجي، مون انتظار پنجوٿا بابت ٽي وي تي ڏٺو ۽ ڏاڍو خراب لڳو، ادارن ۽ سمورن لاءِ ماڻهن لاءِ شرمندگيءَ جو سبب آهي، عدالت انتظار پنجوٿا جو بيان رڪارڊ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس بازيابيءَ جي درخواست اڪلائي ڇڏي