اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ ججز جو انگ 34 ڪرڻ، اسلام آباد هاءِڪورٽ ججز جو انگ وڌائڻ ۽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو، قومي اسيمبلي سروسز چيفس جو مدو 3 سال مان وڌائي 5 سال ڪرڻ جو بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، اپوزيشن پاران شديد مخالفت، احتجاج، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جو اجلاس 2 ڪلاڪ 40 منٽ دير سان شروع ٿيو، اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، قانون واري وزير سوالن وارو وقفو معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي، اپوزيشن پاران شديد مخالفت ڪئي وئي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ وڌائڻ وارو بِل منظور ڪيو ويو، قانون جي وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ نمبر آف ججز ايڪٽ ۾ ترميم جو بِل پيش ڪيو، ايوان اڪثريت راءِ سان ترميم بِل منظور ڪري ورتو، بل تحت سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس کانسواءِ ججز جو انگ 33 هوندو، اُن کان اڳ سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ 17 هو، قومي اسيمبلي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڪٽ ۾ ترميم جو بِل به منظور ڪري ورتو. جنهن تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججز جو انگ 9 مان وڌائي 12 ڪيو ويندو. قانون واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججز جو انگ 37 تائين ڪيو پيو وڃي، هن وقت انگ 17 آهي، 6 ۽ 8 ڪري انگ وڌايو ويندو ايئن انگ وڌندو رهندو. هن چيو ته آئيني عدالت ٺاهي آهي ان لاءِ ججز گهرجن، ججز جو انگ وڌائڻ جو مقصد ڪيسز جو بار گهٽائڻ آهي، ان بعد قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل 2024ع جي شق وار اڪثريت سان منظوري ڏني، بل تحت سپريم ڪورٽ ۾ موجود آئيني معاملا، درخواستون، اپيلون، نظرثاني درخواستون آئيني بينچ اڪلائيندي، چيف جسٽس پاڪستان، سينئر جج ۽ آئيني بينچ جي سربراهه تي ٻڌل ڪاميٽي بينچز جوڙيندي، آئيني بينچ جو سربراهه نه هجي ته چيف جسٽس ۽ سپريم ڪورٽ جو سينئر جج ڪاميٽي ۾ هوندا، ڪو ميمبر بينچ ۾ نه ويهي ته چيف جسٽس ڪنهن جج يا آئيني بينچ جي ميمبر کي نامزد ڪندو، ڪاميٽي پنهنجي ڪم جو پروسيجر طئي ڪندي، پروسيجر ٺهڻ تائين ڪاميٽي اجلاس چيف جسٽس طلب ڪندو، آئيني بينچ ۾ صوبن مان برابر ججز جي نمائندگي هوندي، اپيل فيصلي جي 30 ڏينهن اندر آئيني بينچ کان لارجر بينچ منتقل ٿيندي، اپيل جيڪا پهريان ايندي اها پهريان ٻڌي ويندي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل 26هين ترميم کان پهريان کان لاڳو هوندو، ِبل جي شِق وار منظوري دوران اپوزيشن ميمبرز احتجاج ۽ گوڙ ڪندا رهيا، اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي بِل جون ڪاپيز ڦاڙي ڇڏيون، نعريبازي ڪئي، حڪومت قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران آرمي ايڪٽ 1952ع ۾ ترميم جو بِل منظور ڪرائي ورتو، بچاءَ واري وزير خواجه آصف سروسز چيفس جو مُدو 3 سال مان وڌائي 5 سال ڪرڻ وارو بِل ايوان ۾ پيش ڪيو، بِل تحت پاڪ فوج ۾ جنرل جي رٽائرمينٽ جا ضابطا آرمي چيف تي لاڳو نه ٿيندا، آرمي چيف عهدي تي مقرري، ٻيهر مقرري يا ايڪسنٽيشن جي صورت ۾ جنرل طور ڪم ڪندو رهندو، ايوان ترميمي بِل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، قومي اسيمبلي ايئر فورس ايڪٽ 1953ع ۾ ترميم جو بِل منظور ڪري ورتو، پاڪستان نيوي ايڪٽ 1961ع ۾ ترميم جو بِل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو. منظور ڪيل آرمي ايڪٽ ترميمي بل موجب آرمي چيف جو مدو 5 سال هوندو. آرمي چيف تي جنرل جي رٽائرمينٽ جي عمر ۽ سروس جي حد لاڳو نه ٿيندو. اهو آرمي چيف جي مقرري جي مدي، ٻيهر مقرري يا واڌ تي لاڳو نه ٿيندو، پاڪ فوج جي جنرل جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو. پاڪستان نيوي ترميمي بل موجب نيول چيف جو مدو 5 سال هوندو، ايڊمرل جي رٽائرمينٽ جي عمر ۽ سروس جي حد نيول چيف تي لاڳو نه ٿيندي. اها نيول چيف جي مقرري، ٻيهر مقرري يا واڌ تي لاڳو نه ٿيندي، نيول چيف پنهنجي دور ۾ پاڪستان نيوي جي ايڊمرل طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو. اهڙي طرح پاڪستان ايئر فورس ترميمي بل تحت ايئر چيف مارشل جو مدو 5 سال هوندو، ايئر چيف مارشل جي رٽائرمينٽ جي عمر ۽ سروس جي حد ايئر چيف تي لاڳو نه ٿيندي، ايئر چيف جي مقرري جي مدي، ٻيهر مقرري يا واڌ تي لاڳو نه ٿيندي، ايئر چيف ايئر مارشل جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهندو. بلز جي منظوري دوران حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز آمهون سامهون اچي ويا، ٻنهي ڌرين هڪٻئي جي ڳچين ۾ هٿ وڌا، حڪومتي ميمبرز وزيراعظم جي سيٽ جو حفاظتي گهيرو ٺاهي ورتو، اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائس سامهون هنگامو ڪيو، نو نو جا نعرا هڻندي بلز جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، قومي اسيمبلي اجلاس دوران پي ٽي آءِ جو شاهد خٽڪ ۽ ن ليگ جو عطا تارڙ هٿين پئجي ويا. حالتون خراب ٿيڻ تي سارجنٽ ايٽ آرمز ايوان ۾ داخل ٿي ويا. ايوان ۾ ٻنهي پاسن کان سخت نعريبازي ڪئي وئي. عطا تارڙ باني پي ٽي آءِ جي باجي چور آهي، قاسم جو بابا چور، پنڪي، گوگي ۽ ڪپتان پاڪستان کي لٽي کائي ويا جا نعرا هنيا. پي ٽي آءِ پاران به چور چور جا نعرا هنيا ويا. حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سمورا بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا. اسپيڪر بلز جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. حڪومت قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سمورا بل ضمني ايجنڊا ذريعي آندا. اسپيڪر بلز جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي اجلاس اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. هوڏانهن قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ ۾ به پريڪٽس اينڊ پروسيجر، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ججز جو انگ وڌائڻ، سروسز چيف جي مدي ۾ واڌ وارن بلز جي منظوري ورتي وئي،خواجه آصف ٽئي بلز پيش ڪيا، جنهن دوران پي ٽي آءِ، ايم ڊبليو ايم، جي يو آءِ سينيٽر احتجاج ڪيو، بلز جي منظوري بعد سينيٽ اجلاس ملتوي ڪيو ويو. ٻئي طرف نجي ٽي وي جي رپورٽ