حڪومتي قدمن باوجود لاهور ۾ سموگ جو راڄ برقرار، اڄ به دنيا جي گدلاڻ وارن شهرن ۾ لاهور پهرين نمبر تي موجود، گرين لاڪ ڊائون ايرياز سان گڏوگڏ ڀرپاسي جي علائقن ۾ حڪومتي پابندين تي عمل نه ٿي سگهيو، ٽوبه ٽيڪ سنگهه، گوجرا ۽ چيچه وطني ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ رواني متاثر، طبي ماهرن جي ماحولياتي گدلاڻ کان محفوظ رهڻ لاءِ شهرين کي ماسڪ استعمال ڪرڻ جي صلاح، پنجاب حڪومت سموگ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسپورٽس گالا ملتوي ڪري ڇڏيو، پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شهرين ۾ ماسڪ فراهم ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، مسجدن مان سموگ جي احتياطي تدبيرن ۽ غيرضروري طور گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جا اعلان ڪيا پيا وڃن