واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته اسان عوام جو فيصلو تسليم ڪريون ٿا، امريڪا جي صدارتي چونڊن ۾ بائيڊن طرفان نامزد ڊيموڪريٽرڪ اميدوار ڪملا هيرس جي شڪست کانپوءِ بائيڊن پهريون خطاب ڪندي چيو ته 20 جنوري تي آمريڪا ۾ اقتدار جي پرامن منتقلي ٿيندي، بطور صدر پرامن طور تي عهدي جي حوالگي منهنجو فرض آهي. جوبائيڊن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جمهوريت ۾ هميشه عوام جي راءِ هلندي آهي، رڳو کٽڻ سان ملڪ سان پيار جو اظهار نٿو ڪري سگهجي، آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي فون ڪري مبارڪون پڻ ڏنيون