اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيو آهي
ذريعن موجب احتجاج ملتوي ڪرڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو
ذريعن موجب سياسي ڪميٽي جي اجلاس ۾ اڪثريت جو چوڻ هو ته احتجاج جو سڏ واپس ورتو وڃي
ذريعن جو چوڻ آهي ته احتجاج ملتوي ڪرڻ جو فيصلو وسيع قومي مفاد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) اجلاس جي حوالي سان ڪيو ويو
پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت احتجاج ملتوي ڪرڻ جو باضابطا اعلان جلد ڪندي
ياد رهي ته پي ٽي آءِ 15 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي موقعي تي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪيو هو. تحريڪ انصاف شرط رکي هئي ته جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ سان ملاقات ڪئي ته 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي ڌرڻو ملتوي ڪندا
ذريعن موجب حڪومت تحريڪ انصاف جو سڀاڻي جو احتجاج ملتوي ڪرڻ جو شرط قبول ڪري ورتو آهي. حڪومت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي طبي معائني لاءِ تيار آهي، سڀاڻي صبح اڊيالا جيل ۾ ڊاڪٽر پي ٽي آءِ باني جو معائنو ڪندا
ذريعن جو چوڻ آهي ته پمز اسپتال جا ڊاڪٽر سڀاڻي صبح اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جو معائنو ڪندا. ذريعن موجب حڪومت پي ٽي آءِ باني جي ذاتي معالج کي به عيادت جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي باني جو ذاتي معالج سڀاڻي صبح اڊيالا جيل ۾ سندس معائنو ڪندو