طاقت جي زور تي ڳجهي طريقي سان آندل آئيني ترميم جو حصو نه بڻجنداسين، 1973 جي آئين کي 51 سال گذري چڪا آهن، اهڙي ڪهڙي مصيبت اچي وئي آهي جو رات پيٽ ۾ ڳجهي طريقي سان ان ۾ ترميم جي ضرورت پئجي وئي آهي
بندوق جي زور تي نه اڳ ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون آهن ۽ نه آئنده ڪنداسين: بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جون مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهيون
اختر مينگل چيو ته عجيب ڳالهه آهي ته آئيني ترميم کي هڪ ڳجهي دستاويز طور رکيو پيو وڃي، اهو مختلف قسمن ۾ ورهائجي رهيو آهي، ڪڏهن هڪڙي پاسي کان مسودو اچي ٿو ته ڪڏهن ٻئي پاسي کان ڊرافٽ اچي ٿو
سوال اهو آهي ته انهن ترميمن جو خالق ڪير آهي، حڪومت، اتحادي يا اپوزيشن؟ يا اهي قوتون آهن جن کان سدائين آئين کي خطرو رهيو آهي؟
مختلف جماعتن جي ميمبرن کي هيسايو ۽ اغوا ڪيو پيو وڃي، اسان جا کنڀيل ميمبر واپس ڪيا وڃن ته پوءِ ڳالهيون ٿينديون