اسلام آباد ۾ سياسي گرمي پد وڌي ويو، آئيني ترميمن جي منظوريءَ تي مشاورت، رابطا ۽ لابنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو، حڪومت ۽ جي يو آءِ (ف) جي وچ ۾ معاملا طئي نه ٿي سگهيا
وفاقي ڪابينا ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن جا وقت تبديل ڪيا ويا، آئيني پئڪيج ۾ ڦيرڦار جو سلسلو جاري آهي، آخري وقت ۾ آئيني ترميمن جي مسودي ۾ تبديليون ڪيون ويون
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو وقت تبديل ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا جو اجلاس هاڻي 3 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو، ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جو اجلاس 12 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو هو
ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾آئيني ترميمن جي مسودي جي منظوري ڏني ويندي، قومي اسيمبلي جي اڄ ٿيندڙ اهم اجلاس جو وقت به تبديل ڪيو ويو، اجلاس هاڻي شام 4 وڳي ٿيندو
ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالتي سڌارن بابت آئيني ترميم معاملا طئي ٿيڻ جي صورت ۾ ئي سمورن اجلاسن ۾ پيش ڪئي ويندي، سينيٽ جو اجلاس شام وڳي ٿيندو