ملڪ ۾ گڏهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو

0
36
ملڪ ۾ گڏهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو
ملڪ ۾ گڏهن جي تعداد ۾ رڪارڊ اضافو

مالي سال 24-2023ع جو معاشي سروي جاري ڪيو ويو جنهن موجب ملڪ ۾ هڪ سال دوران گڏهن جو انگ وڌي ويو

اقتصادي سروي موجب هڪ سال دوران گڏهن جي انگ ۾ هڪ لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو

سروي موجب ملڪ ۾ گڏهن جو انگ 59 لک تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال ملڪ ۾ گڏهن جو انگ 58 لک هو ۽ 22-2021ع ۾ گڏهن جو انگ 57 لک هو

اقتصادي سروي موجب ٻن سالن دوران گڏهن جي انگ ۾ 2 لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو

هڪ سال ۾ گهوڙن جو تعداد نه وڌيو ۽ ملڪ ۾ گهوڙن جو انگ 4 لک رڪارڊ ڪيو ويو

اقتصادي سروي موجب هڪ سال دوران اُٺن جو انگ به نه وڌيو آهي، جڏهن ته ٻڪرين ۽ ٻڪرن جي انگ ۾ 2 ڪروڙ 20 لک ۽ رڍن جي انگ ۾ هڪ سال ۾ 4 لک جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي