راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته قوم جي قربانين سان مليل امن کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو، آرمي چيف جنرل عاصم قبائلي علائقي اورڪزئي جي دوري تي پهچي ويو
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ رُڌل فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي زور ڏنو
آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني وئي، آرمي چيف چيو ته شهيدن جون قربانيون جذبي سان وڙهڻ واري عزم کي پختو ڪن ٿيون، امن امان برقرار رکڻ ۾ قبائلي نمائندن جو هاڪاري ڪردار ضروري آهي، پاڪ فوج ڪي پي پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان هر ممڪن سهڪار جاري رکندي