واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا جي 46 ڪانگريس ميمبرن صدر جو بائيڊن کي خط لکي ڇڏيو. آمريڪي ڪانگريس ميمبرن خط ۾ پاڪستان ۾ انساني حقن بابت ايوان جي نمائندن جي ٺهراءَ تي قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سميت ٻين سياسي قيدين جي آزادي لاءِ هنگامي بنيادن تي وڪالت ڪئي وڃي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته يو اين ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي روشني ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياسي قيدين جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. خط جي متن موجب پاڪستان ۾ 2024ع جي ناقص اليڪشن کانپوءِ انساني حق پائمال ڪيا ويا، پاڪستان جي اهم سياسي جماعت پي ٽي آءِ کي چونڊن کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مختلف حربن باوجود پي ٽي آءِ اميدوارن آزاد حيثيت ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ۾ خدشن بابت رپورٽن کي حڪومت شايع ٿيڻ کان روڪيو، باني سميت ٻين اڳواڻن کي مسلسل قيد ۾ رکڻ سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳو آهي. حڪومت سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائي پي ٽي آءِ جي مهم کي روڪيو ۽ پارٽي جي باني سميت ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪري قيد ڪيو، اميد آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو، آمريڪي ڪانگريس پاران لکيل خط ۾ پاڪستان بابت آمريڪي پاليسين تي نظرثاني تي زور ڏنو ويو. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شايع ڪيل خط تي 46 ڪانگريس ميمبرن جون صحيحون آهن.