حڪومت جي لاڳيتو ڪوششن ٻوٽو نه ٻاريو، جي يو آءِ سربراهه آئيني ترميمن ۾ حڪومت سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
حڪومت کان ايس سي او ڪانفرنس تائين آئيني ترميمن جو معاملو ملتوي ڪرڻ جو مطالبو، مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميمن جي منظوري ۾ ايڏي تڪڙ ڇو آهي؟
اسان جو ووٽ ايڏو اهم آهي ته اسان کي به ٻڌو وڃي، آئيني ترميمن ۾ حڪومت سان ڪنهن به صورت ۾ پلس ٿيڻ تي راضي نه آهيون
آرٽيڪل 63 اي نظرثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته عدالتي فيصلي کي قبول ڪريون ٿا، فيصلو سِيل پرچين تي ٿيڻ گهرجي
ڪابه مئچ فڪسنگ نه ٿيڻ گهرجي، اپوزيشن کي چوان ٿو اُها به احتجاج نه ڪري، ايس سي او ڪانفرنس ۾ ايندڙ مهمانن کي ڀليڪار ڪريون ٿا، سياسي اختلافن کي يڪجهتي ۾ تبديل ڪرڻو پوندو