پشاور: ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اسلام آباد احتجاج جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آهي. هن ڀيري مطالبا منظور ٿيڻ تائين واپس نه وينداسين. صحافين سان ڳالهيون ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته عليمه خان احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي احتجاج جي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان دوران ڪا به رڪاوٽ يا رستاروڪ ٿي ته پوءِ دما دم مست قلندر ٿيندو