وفاق پاران سنڌ جي نوجوانن کي 12 ارب قرض، هڪ لک ليپ ٽاپ ۽ 57 هزار اسڪالرشپس ڏيڻ جي دعويٰ

0
60
وفاق پاران سنڌ جي نوجوانن کي 12 ارب قرض، هڪ لک ليپ ٽاپ ۽ 57 هزار اسڪالرشپس ڏيڻ جي دعويٰ
وفاق پاران سنڌ جي نوجوانن کي 12 ارب قرض، هڪ لک ليپ ٽاپ ۽ 57 هزار اسڪالرشپس ڏيڻ جي دعويٰ

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزير اعظم آفيس وفاقي حڪومت پاران نوجوانن جي ترقي لاءِ هلندڙ وزير اعظم جي پروگرامن تحت سنڌ ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ملندڙ سهولتن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آھن ، سنڌ جي 49888 نوجوانن کي اسڪل ڊولپمنيٽ لاء اسڪالرشپس ڏيڻ ، 7102 سنڌ جي نوجوانن کي 12 ارب روپين جي ماليت جا  زرعي قرض فراهم ڪرڻ ، 1 لک کان وڌيڪ سنڌ جي نوجوانن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر نفيسه شاهه جي سوال جو لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ وزير اعظم آفيس قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آھي ته سال 2013 ۾ ان وقت جي وزير اعظم ميان نواز شريف نوجوانن جي ترقي ، کين بااختيار بنائڻ لاء وزير اعظم يوٿ پروگرام جو آغاز ڪيو ويو هو اهو پروگرام 4 ايز يعني ايجوڪيشن (تعليم)، امپلائيمينٽ (روزگار)، انگيجمينٽ (مشغوليت) ۽ انوائرمينٽ (ماحوليات) تي ٻڌل آھي جنهن تي مختلف سرڪاري ادارن ذريعي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. وزير اعظم آفيس پاران قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ دعوي’ ڪئي وئي آھي ته وزير اعظم جي يوٿ پروگرامن ۾ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان جي گهٽ ترقي يافته علائقن سان تعلق رکندڙ نوجوانن جي ترقي ۽ کين بااختيار بنائڻ لاء ٺوس ڪوششون ڪيون پيون وڃن وزير اعظم جي اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام مان سال 2020 کان 2024 تائين سنڌ جي 49888 نوجوانن ۽ بلوچستان جي 21730 نوجوانن کي اسڪلز اسڪالر شپز ذريعي ترقي ۽ تربيت فراهم ڪئي وئي آھي ان کانسواء ٿرپارڪر جي مٺي جي 1280 ، عمرڪوٽ جي 908 قمبر شهدادڪوٽ جي 250 نوجوانن کي به ان پروگرام ذريعي تربيت فراهم ڪئي وئي . وزير اعظم جي يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاء سنڌ جي 7102 نوجوانن کي جنوري 2023 کان جون 2024 تائين  12 ارب روپيا فراهم ڪيا ويا جڏهن ته انکانسواء خيرپور جي 352 نوجوانن کي 33 ڪروڙ ، 70 لک ، ٿرپارڪر جي 189 نوجوانن کي 8 ڪروڙ 90 لک ، قمبر شهداڪوٽ جي 71 نوجوانن کي 21 ڪروڙ 50 لک روپيا فراهم ڪيا ويا آھن انهي عرصي ۾ انهي پروگرام تحت بلوچستان جي 1363 نوجوانن کي 90 ڪروڙ روپيا فراهم ڪيا ويا آھن . وزير اعظم ليپٽاپ اسڪيم تحت سنڌ صوبي جي نوجوانن ۾ سال 2013 کان هن وقت تائين 1 لک 7 هزار 34 ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويا آھن جڏهن ته سال 2024-23 ۾ 16939 سنڌ جي  شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آھن ان کانسواءِ مٽي ۾ 94، عمرڪوٽ 242، ڪشمور ۾ 97 نوجوانن کي پڻ ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويا آھن. انهي عرصي ۾ بلوچستان ۾ 30 هزار 513 ليپ ٽاپ ڏنا ويا آھن، ائين سال 2024-23 ۾ بلوچستان جي شاگردن کي 12663 ليپ ٽاپ ڏنا ويا آھن

وزيراعظم پاران نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائڻ لاءِ 13 مختلف پروگرام هلندڙ

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ وزير اعظم آفيس پاران لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ ٻڌايو ويو آھي ته سال 2013 کان پاڪستان ۾ نوجوانن جي ترقي لاءِ وزير اعظم پاران پروگرام هلندڙ آھن، وزير اعظم آفيس موجب نوجوانن جي ترقي ۽ کين بااختيار بنائڻ لاءِ وزير اعظم جي 13 مختلف پروگرامن يا اسڪيمن تي علمدرآمد ڪيو پيو وڃي جن ۾ وزير اعظم يوٿ اسڪلز ڊولپمنٽ پروگرام، وزير اعظم ليپ ٽاب اسڪيم، پاڪستان ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ، وزير اعظم يوٿ بزنس ۽ ايگريڪلچر لون اسڪيم، وزير اعظم قومي انوويشن ايوارڊ، وزير اعظم آءِ ٽي اسٽارٽ اپ منصوبو، وزير اعظم يوٿ انٽرن شپ پروگرام،  وزير اعظم قومي يوٿ ڪائونسل، وزير اعظم قومي وولٽيئر ڪراپس، وزير اعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ، وزير اعظم اسپورٽس اڪيڊميز،  وزير اعظم گرين يوٿ موومينٽ، وزير اعظم يوٿ ڊولپمينٽ سينٽرز (ڊجيٽل يوٿ حب) شامل آھن

ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ لاءِ 12 هزار 807 رانديگر رجسٽرڊ

اسلام آباد: وزير اعظم ٽيلنٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ تحت ملڪ مان ٻارنهن اهم راندين لاءِ 15 کان 25 سالن جي عمر رکندڙ نوجوانن ايٿليٽس ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ ٽيلنٽ هنٽ ٽرائز جو انعقاد ڪيو ويو ،سنڌ مان ٽرائلز ۾ 12807 رانديگرن رجسٽريشن ڪرائي جن ۾  2687 ڇوڪريون شامل هيون  سنڌ ۾ ان حوالي سان ٽرائل ڪراچي، حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ، لاڙڪاڻي ۾ ٿيا

وزيراعظم يوٿ ڪائونسل قائم، سنڌ مان 20  نوجوان شامل

اسلام آباد:  وزير اعظم جي يوٿ ڪونسل  پاڪستان جي 100 متحرڪ نوجوان قيادت تي ٻڌل مشاورتي اداري طور ڪم ڪندي اها ڪائونسل پاليسي ۽ سفارشون وزير اعظم ۽ اهم پاليسي سازادارن کي پيش ڪندي ان ڪائونسل ۾ سنڌ مان 20 ، بلوچستان مان 12 اعلي’ ڪاميابيون حاصل ڪندڙ  نوجوان شامل ٿيندا

انڊومينٽ فنڊ تحت 5 ڪروڙ جون اسڪالرشپس ڏنيون ويون

اسلام آباد: وزير اعظم جي تعليم بابت انڊومينٽ فنڊ هن وقت تائين 5 ڪروڙ 21 لک روپين جي 192 نرسنگ اسڪالرشپون ، 1 ڪروڙ 85 لک جون آرٽس ۽ ڪلچر جي شعبي ۾ 56 اسڪالرشپون ڏنيون ويون آھن جن ۾ خيرپور ۾ 18 ، گهوٽڪي  7 ، عمرڪوٽ 8 ، جيڪب آباد ۾ 5 اسڪالرشپون ڏنيون ويون آھن بلوچستان ۾ نرسنگ جون 23 ۽ آرٽ ۽ ڪلچر ۾ 19 اسڪالرشپس ڏنيون ويون آھن جن تي ترتيب وار 73 لک 39 لک رپيا خرچ ٿيا آھن

قومي اسمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جا تفصيل شامل نه ڪيا ويا

اسلام آباد : وزير اعظم آفيس پاران نوجوانن بابت شروع ٿيل پروگرامن جي قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي صوبن جا تفصيل شامل نه ڪيا ويا آھن جنهن ڪري ڪهڙي صوبي کي ڪيترو حصو مليو يا ڪهڙي صوبي تي سڀ کان گهڻي نوازش ٿي جو تقابلي جائزو سامهون نه اچي سگهيو آھي

قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ 2 لک نوجوانن کي تربيت ڏني ويندي

اسلام آباد: وزير اعظم قومي والينٽئر ڪراپس تحت قدرتي آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاء 2 لک نوجوانن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي جيڪا تربيت اين ايف سي ايوارڊ جي شيئر مطابق ٿيندي ، جنهن تحت سنڌ جي 29243 ۽ بلوچستان جي 10545 نوجوانن کي تربيت ملندي

حيدرآباد ۽ سکر سميت مختلف شهرن جي 23 نوجوانن قومي انوويشن ايوارڊ کٽي ورتو

اسلام آباد: وزير اعظم جي قومي انوويشن ايوارڊ سنڌ تحت 474 درخواستون مليون جن مان 13 نوجوان جدت پسدن پهرين رائونڊ دوران سنڌ مان ايوارڊ کٽيو جن ۾ خيرپور ۽ حيدرآباد ضلعا شامل آھن ٻئي رائونڊ ۾ 111 درخواستن مان ڪشمور ، مٽياري ، سکر جي  10 نوجوانن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو . وزير اعظم يوٿ انٽرن شپ پروگرام تحت نوجوانن کي ملازمتن جي قابل بنائڻ ۾ اضافي جو پروگرام آھي نئي شروع ٿيل ان منصوبي تحت سنڌ مان 5700 کي معاوضي تي انٽرن شپ فراهم ڪئي ويندي

سنڌ ۾ 4 اسپورٽس اڪيڊميز ۽ 26 جم ڪلب ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزير اعظم اسپورٽس اڪيڊميز پروگرام تحت سنڌ ۾ چار اڪيڊميون قائم ٿينديون جن ۾ سنڌ ايگريڪچلر يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ جوڊو اڪيڊمي ، اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي ۾ اعلي’ ڪارڪردگي واري اسپورٽس ليب ۽ رسرچ سينٽر، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ باڪسنگ اڪيڊمي، يونيورسٽي آف ڪراچي ۾ فٽبال اڪيڊمي قائم ٿيندي. جڏهن ته بلوچستان ۾ ايٿليٽڪس اڪيڊمي قائم ڪئي ويندي . وزير اعظم جي گرين يوٿ موومينٽ پروگرام تحت سنڌ جي 10 شهرن جي يونيورسٽين ۾ 26 جم ڪلب قائم ٿيندا جن ۾ بيگم نصرت ڀٽو ومين يونيورسٽي سکر، بينظير ڀٽو ٽيڪنالاجي ۽ اسڪل ڊولپمنٽ  يونيورسٽي خيرپور، پيپلزميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائينز يونيورسٽي فار وومين نوابشاهه، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه، شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور، شهيد محترمه بينظير  ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور شامل آھن جڏهن ته بلوچستان جي پنج شهرن ۾ ست جم ڪلب ٺهندا، وزير اعظم يوٿ ڊولپمينٽ سينٽر سنڌ جي يونيورسٽين شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ قائم ٿيندا

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 250 اي روزگار مرڪز قائم ٿيندا

اسلام آباد: وزير اعظم جي آئي ٽي اسٽارٽ اپ منصوبي تحت اسٽيرنگ ڪميٽي جي منظوري سان طلب جي بنيادن تحت پاڪستان جي شهرن ۾ 250 اي روزگار مرڪز قائم ڪرڻا آھن اهڙا اي مرڪز سنڌ ۽ بلوچستان جي شهرن ۾ به قائم ٿيندا سنڌ ۾ خيرپور ، نوشهروفيروز، دادو ، شڪارپور ، سجاول ، ٺٺو ، ٿرپارڪر، ڪشمور، ۽ بدين ۾ اي روزگار مرڪز قائم ٿيندا جڏهن ته بلوچستان ۾ ڪڇي، شيراني، ڪوهلو، جهل مگسي، آواران، بارکان، موسيٰ خيل، ڊيرابگٽي، جعفرآباد ۽ قلعه سيف الله ۾ اهڙا اي روزگار مرڪز قائم ٿيندا